نئين دهلي (م ڊ) هندستان پاڪستان تي حملي کانپوءِ ڪرتارپور راهداري بند ڪري ڇڏي، سک زائرين کي ڪوريڊور ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو. هندستاني ميڊيا موجب مودي حڪومت پاڪستان ۽ هندستان جي سرحدي گذرگاهه ڪرتارپور راهداري کي سک رائرين لاءِ بند ڪيو ويو، واضح رهي ته هندستان پاران اهو فيصلو پاڪستان پاران جوابي حملن کانپوءِ ڪيو ويو.