اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀارتي اڳرائي خلاف حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ پيج تي اچي ويون، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسين هڪ ۽ متحد آهيون، پنهنجي شهيدن جي رت جي هر ڦڙي جو حساب وٺنداسين. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر خطاب ڪندي چيو ته گجرات جي ڪاسائي مودي رات جي اونداهي ۾ پاڪستان تي حملو ڪيو، باني پي ٽي آءِ جو پيغام آهي ته پي ٽي آءِ جو هر ڪارڪن پنهنجي هٿياربند فوجن سان گڏ بيٺل آهي، اسان جي ايئر فورس دشمن کي شڪست ڏني. عامر ڊوگر وڌيڪ چيو ته اڄ ٻيهر هن عزم جو اظهار ڪريون ٿا ته اسين هڪ ۽ متحد آهيون، اسين پنهنجن شهيدن جي رت جي هر ڦڙي جو حساب وٺنداسين، ڀارت کي مستقبل ۾ به منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، اقبال آفريدي چيو ته قومي اتحاد لاءِ ڪيترين ئي ڳالهين جو خيال رکڻ ضروري آهي، حڪومت ۽ آرمي چيف جو امتحان آهي ته هو پنهنجي انا کان هٽي ڪري باني پي ٽي آءِ سان گڏ ويهن. قومي اتحاد جي جذبي سان اسان وزيراعظم شهباز شريف جي تقرير دوران پرامن ويٺا رهياسين، راجا پرويز اشرف چيو ته ڀارت پاڪستان جو ازلي دشمن آهي، اهو اهڙو پاڙيسري ملڪ آهي، جنهن پاڪستان کي ذهني طور قبول ئي ناهي ڪيو. مودي سرڪار، انتهاپسند تنظيم آر ايس ايس جو سياسي ونگ آهي، پهلگام وارو واقعو هڪ من گهڙت ڪهاڻي هئي، ڀارت کي رافيل جهازن تي وڏو غرور هو، انهن کي زمين تي ڪيرايو ويو. اڄ هن پارليامينٽ مان مودي کي پيغام ملي ويو آهي ته سڄي قوم متحد آهي. شازيه مري چيو ته دهشتگرد لاءِ مذهب جي ڪا اهميت ناهي، دهشتگرد صرف دهشتگرد هوندو آهي، مودي سرڪار اهو ڇو نٿي چوي ته جتي هندو قتل ٿيا، اتي مسلمان به شهيد ٿيو. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 50 گهرن تي حملو ڪيو آهي. اسان جي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي، ڀارت نيوٽرل تحقيقات کان ڀڄي رهيو آهي. مودي 2015ع کان آبي ٽريٽي کي چيلينج ڪري رهيو آهي. نيشنل پارٽي جي اڳواڻ پولين بلوچ قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته مودي جي دماغ ۾ جنگي جنون سوار آهي، جنگ هڪ سٺو عمل ناهي پر دفاع جو حق ڏنو ويو آهي، پاڪ فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، ايوان ۾ بلوچستان جي معاملي تي صرف ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. بلوچستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجھه به ناهي ڪيو ويو، بلوچستان سڙي رهيو آهي، اتي چر پر نٿِي ٿي سگھي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ميجر رٽائرڊ طاهر اقبال چيو ته پنهنجي شهيد ساٿي کي کڻڻ وڃي رهيو هئس ته مون کي به ڄنگهه ۾ گولي لڳي ۽ منهنجو پير ڪٽجي ويو، جيڪڏهن هاڻي به موقعو ڏيو ته دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. اهو جذبو هوندو آهي، منهنجي چڪوال شهر ۾ پڻ ڊرون حملو ٿيو آهي. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ جڏهن اسان جا ڊرون ٽيڪٽيڪل بم نڪرندا ته مودي تو کي رستا نه ملندا. پ پ ايم اين اي نفيسه شاهه چيو ته رافيل جو زمين تي ڪرڻ ڀارت جي تمام وڏي شڪست آهي. 36 رافيل هاڻي پاڪستان طرف نه ايندا. پاڪستان ضرور ڀارت کي جواب ڏيندو. عوام کي سرويلنس ڊرونز کان خوفزده ٿيڻ جي ضرورت ناهي. ن ليگ جي ميمبر وفاقي وزير کيهل داس ڪوهستاني چيو ته مودي ٻن مذهبن ۽ امن لاءِ خطرو آهي، دهشت گرد جو نه اسلام سان تعلق آهي ۽ نه ڪنهن ٻئي مذهب سان، مودي جي جارحيت تي دنيا جون اکيون بند ڇو آهن؟، مودي کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو، “رام رام ستيا ڪرڻ وارو ڪو نه ملندو، اسامه ميلا چيو ته راولپنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ ڊرونز ڪيرائڻ تي پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو، عمران خان کي پنڊي کان ڪنهن ٻئي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو وڃي. رياض فتيانه چيو ته سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو ويو آھي ڀارت کي ان معاهدي تحت ڏنل 3 درياهه واپس ورتا وڃن ، خورشيد جوڻيجو چيو ته ڀارت پاڪستان کي پهرين ڏينهن کان تسليم نه ڪيو مودي انتها پسند آھي جنهن وڏي وزير هجڻ دوران به مسلمانن کي ٽارگيٽ ڪيو ،قومي اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن 11 بجي تائين ملتوي ڪيو ويو.