اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ پهلگام واقعي بابت پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پهلگام واقعي بابت پاڪستان جو موقف بلڪل واضح آهي پاڪستان پاڻ دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي. اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزارين جانيون قربان ڪيون آهن. دهشتگردي جي خلاف جنگ سبب ملڪ جي معيشت کي اربين ڊالرن جو نقصان پهتو، فتنه خوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. جعفر ايڪسپريس واقعي بابت تارڙ چيو ته دهشتگردن معصوم ماڻهن کي يرغمال بڻايو. ڀارت کان سواءِ سموري دنيا جعفر ايڪسپريس واري واقعي جي مذمت ڪئي، ان جو سبب اهو آهي ته ڀارت پاڻ رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي. ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هو. هن چيو ته سِک اڳواڻن جي قتل ۾ به ڀارتي حڪومت جي مداخلت جا ثبوت دنيا جي آڏو آهن. ڀارت سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث آهي. پهلگام لائن آف ڪنٽرول کان 150 ڪلوميٽر پري آهي، پهلگام واقعي جي 10 منٽن اندر ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، مطلب سازش اڳ ۾ تيار هئي. عطاءالله تارڙ چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ پرامن ملڪ آهي. اسان جا پنهنجي پاڙيسرين سان سٺا تعلقات آهن، پاڪستان پهلگام واقعي جي غير جانبدار جاچ لاءِ سهڪار جي آڇ ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. لنڊن ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي حملو ڀارتي حڪومت جي انتهاپسند سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو. امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي سالميت ۽ خودمختياري جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور طريقي سان جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ ٻاراڻي ۽ غير سنجيده حرڪت آهي. پهلگام واقعي جي آڙ ۾ پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن خبردار ڪندي چيو ته پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي جنگي عمل تصور ڪيو ويندو. عالمي قانونن موجب سنڌ طاس معاهدو هڪ طرفي طور ختم نه ٿو ڪري سگھجي. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به مس ايڊونچر جو ڀرپور جواب ڏيندو. پاڪستاني قوم متحد آهي. علاج لاءِ ڀارت ويندڙ پاڪستانين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ چيو پيو وڃي.