ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

0
25

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته اسان جي هوائي، سامونڊي ۽ زميني فوج ڀارت طرفان ڪنهن به قسم جي اڳڀرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماضي ۾ به ڏٺو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ ٿي، اسان نٿا چاهيون ته ڇڪتاڻ وڌي، عالمي برادري ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ قدم کڻي پهلگام واقعي جي آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي جاچ يقيني بڻائي، ٻن ائٽمي طاقتن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ نه ٿي ته جنگ جي صورت به اختيار ڪري سگهي ٿي، ڏکڻ ايشيا جي روايتي مخالفن وچ ۾ ڇڪتاڻ هميشه ڳڻيتي جو سبب هوندي آهي