ماسڪو(م ڊ) روس ۾ پاڪستان جي سفير محمد خالد جمالي چيو آهي ته اسان وٽ انٽيليجنس شاهديون موجود آهن ته ڀارت پاڪستان تي حملي جي رٿابندي ڪري رهيو آهي، ڀارت حملو ڪيو ته مڪمل طاقت سان جواب ڏنو ويندو. روسي ميڊيا سان گفتگو ڪندي پاڪستاني سفير خالد جمالي چيو ته ڀارت ڪيترائي ڀيرا فالس فليگ آپريشن ڪري الزام پاڪستان تي لڳائي چڪو آهي، پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ روايتي ۽ جوهري طاقت ٻنهي جو استعمال ڪندو. هن چيو ته پاڻي جي مسئلي تي ڪنهن به جارحيت جو جواب جنگ سان ٿيندو، حملي جي صورت ۾ پاڪستان پنهنجي سرحدن جي دفاع ۾ ڪنهن به حد تائين ويندو، ڀارت جا الزام بي بنياد آهن. سندس چوڻ هو ته ڀارتي پروپيگنڊا کي رد ڪيون ٿا، اسان پنهنجي سرحدن جي دفاع جو مڪمل حق رکون ٿا، عالمي برادري کان مطالبو آهي ته پهلگام حملي جي اڻ ڌري جاچ ڪئي وڃي، چين ۽ روس کي ان جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪيون ٿا.