ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ٽيليويزن، فلمن ۽ او ٽي ٽي پليٽ فارمز تي پنهنجي بهترين اداڪاري لاءِ مشهور اداڪار رام ڪپور تازو پنهنجي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو. رام ڪپور پنهنجون تازيون تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون، جيڪي ڏسي مداحن لاءِ هن کي سڃاڻڻ مشڪل ٿي ويو. رام گذريل 3 مهينن کان سوشل ميڊيا تان غائب هو. هاڻي اوچتو هن انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو آئيني سامهون بيهي سيلفي وٺندو نظر اچي رهيو آهي. تصوير ۾ هو انتهائي ڪمزور لڳي رهيو آهي ۽ سندس وزن واضح طور تي گھٽ ٿي ويو آهي. رام تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو هيلو دوستو، انسٽاگرام کان پري رهڻ لاءِ معذرت، مان پنهنجي جسم تي ڪافي محنت ڪري رهيو هئس51 ورهين جي اداڪار پنهنجي زال گوتامي ڪپور سان گڏ هڪ ٻي تصوير به شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو ته “مون حيرت انگيز طور 42 ڪلو وزن گھٽايو آهي.”تصويرون ظاهر ٿيندي ئي مداح سندس شاندار تبديلي تي حيران رهجي ويا. هڪ صارف ڪمينٽ ڪيو: “ڪپور صاحب، هي تبديلي واقعي متاثر ڪندڙ آهي.” جڏهن ته هڪ ٻئي مداح لکيو: “هي تبديلي غيرمعمولي آهي.”