نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪالڪي ڪوچلن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ ذريعي غزه ۾ جاري انساني بحران تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو، اداڪاره هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ لکيو ته “هزارين ماڻهو بک، بيماري ۽ طبي امداد جي عدم دستيابي سان گڏ مستقبل بمباري کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسرائيل انهن کي دنيا کان ڪٽي ڇڏيو آهي” ڪالڪي عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته اهي اسرائيل کي جنگ بند ڪرڻ ۽ معصوم شهرين جون جانيون بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻن، پنهنجي پيغام ۾ ڪالڪي اسرائيلي حڪومت جي پاليسي کي “نسلي صفائي” قرار ڏيندي چيو ته اهي قدم رڳو فلسطيني ۽ اسرائيلي ٻنهي نسلن جي لاءِ مستقبل جي بربادي جو پيغام ڏئي رهيا آهن، ڪالڪي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي ان ظلم جي باري ۾ آگاهي ڏين ۽ وڌيڪ تحقيق ڪري انهن تنظيمن جي مدد ڪن، جيڪي ان خطي ۾ انساني حقن جي حفاظت لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن.