ممبئي(شوبز نيوز) ڏکڻ ڀارت جي اداڪاره ورلڪشمي سرتڪمار انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ننڍپڻ ۾ ڪيترائي ڀيرا زيادتي جو شڪار ٿي چڪي آهي، ڀارتي فلمن جي مشهور اداڪاره ورلڪشمي سرتڪمار هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ننڍپڻ ۾ ڪيترائي ڀيرا زيادتين جو شڪار ٿي چڪي آهي، اداڪار پاران پنهنجي خاندان طرفان زيادتي ٿيڻ جو ذڪر ڪيو، جنهن تي اداڪار جذباتي ٿي وئي ۽ پنهنجي ڪهاني ٻڌائي، ورلڪشمي چيو ته مان به اوهان وانگر آهيان، منهنجا والدين مون کي ٻين جي حوالي ڪري پاڻ ڪم تي ويندا هئا، اهڙي طرح سان پنجن کان ڇهن ماڻهن مونکي حراسان ڪندا رهيا، اداڪاره والدين کي مشورو ڏيندي چيو ته پنهنجي ٻارن کي ٻين جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ نه گهرجي، ياد رهي ته ورلڪشمي مشهور ڏکڻ ڀارت جي اداڪار شرت ڪمار جي زال ۽ چايا ديوي جي ڌيءُ آهي، اداڪاره رادهيڪا جي وڳي ڌيءُ پڻ آهي.