ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي پنجاب فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل سونم باجوا هڪ ڀيرو ٻيهر فواد خان سان پيار جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.  سونم باجوه جي هڪ ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هوءَ چوي ٿي ته ڀارتي شهري هاڻي فواد خان کي جيجا جِي سڏي رهيا آهن. ميزبان سونم کان سوال ڪيو هو جنهن تي هن شرمائيندي چيو ته جيڪڏهن فواد خان کي اها خبر پئي ته مون کي شرم ايندو، مان فواد خان کي اصل کان پسند ڪندي آهيان، هو مون کي هر ڪردار ۾ وڻندو آهي.