ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي اداڪارا شهناز گِل سڀ کان مهانگي مرسڊيز بينز GLS خريد ڪري ورتي. اداڪارا ۽ ٽي وي اسٽار شهناز گل تازو سوشل ميڊيا تي خوشي جو اظهار ڪندي مداحن کي ٻڌايو ته مان مرسڊيز بينز GLS خريد ڪئي آهي. پوسٽ ڪيل تصوير ۾ شهباز گل نئين گاڏي سان گڏ پوز ڏئي رهي آهي. هن وڌيڪ لکيو ته خوابن کان گاڏي تائين، منهنجي محنت جا هاڻ چار ڦيٿا آهن. واضح رهي ته ڀارت ۾ ان گاڏي جي قيمت تقريبن 1.32 ڪروڙ رپين کان شروع ٿئي ٿي.