ڪلڪتو(اسپورٽس نيوز) ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان سارو گنگولي ڀارت ۾ شيڊول ورلڊڪپ کٽيندڙ پنجن ٽيمن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي. هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي تائين ڪير ڪير پهچندو ان باري ۾ ڀارت سڀ کان پهرين رکان ٿو ڇاڪاڻ ته ان کي هوم ايڊوانٽيج هوندو. هن چيو ته آسٽريليا، انگلينڊ، پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ به ورلڊ ڪپ کٽڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم به سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿي.