بلاوايو (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني اوپنر صائم ايوب جي شاندار سينچري جي مدد سان زمبابوي کي ٻي ون ڊي ۾ ڏهه وڪيٽن تان مات ڏئي سيريز هڪ، هڪ تان برابر ڪري ڇڏي. پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي اڄ ٻي ميچ بلاوايو ۾ کيڏي وئي جتي ميزبان ٽيم پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. زمبابوي جا بيٽرز پاڪستاني بالرز آڏو گهڻي دير جٽاءُ نه ڪري سگهي ۽ ميزبان ٽيم 33 هين اوور ۾ 145 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان ڊيبيو ڪندڙ ابرار احمد چار، سلمان علي آغا ٽي، صائم ايوب ۽ فيصل اڪرم هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. زمبابوي، پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 146 رنسن جو هدف ڏنو، جيڪو پاڪستان بنا ڪنهن نقصان تي 19 هين اوورن ۾ سولائي سان حاصل ڪري ورتو. قومي اوپنر صائم ايوب ميدان جي چئني پاسي دلڪش اسٽروڪ کيڏندي ون ڊي ڪيريئر جي پهرين سينچري مڪمل ڪئي. صائم ايوب 113 ۽ عبدالله شفيق 32 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي. صائم ايوب کي هڪ وڪيٽ ۽ سينچري اسڪور ڪرڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻي ون ڊي ۾ پاڪستان جي ڪاميابي کانپوءِ سيريز هڪ، هڪ تان برابر ٿي وئي آهي، پهرين ميچ ۾ زمبابوي ڊڪ ورٿ لوئيس ميٿڊ تحت پاڪستان کي 80 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ فيصلائتي ميچ 28 نومبر تي بلاوايو  ۾ کيڏي ويندي.