بنگلور (انٽريسٽنگ نيوز) فلم کان اڳ تمام گهڻن اشتهارن تي تپي باهه ٿيل ڀارتي شهري مقامي سرڪاري اداري ۾ شڪايت داخل ڪرائي، جنهن تي ان کي 230 کان وڌيڪ ڊالرز (75 هزار پاڪستاني رپيا) بطور زر تلافي ادا ڪيا ويا، بنگلور سان تعلق رکندڙ اڀيشڪ نالي جي 31 سالن جي شهري ڊسٽرڪٽ ڪنزيومر ڊسپيوٽ ريڊريسل ڪميشن ۾ ڪيس داخل ڪيو، جڏهن اهو بنگلور جي پي وي آر ملٽي پليڪس ۾ فلم ڏسڻ ويو هو، ٿيٽر جي مالڪ اداري PVR INOX خلاف اڀڪيشڪ جي شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته فلم شام 6:30 تي ختم ٿيڻ واري هئي، پر شام 7 وڳي ختم ٿي، مدعي ٻڌايو ته ان جو سبب اهو ٿيو ته فلم کان اڳ پهرين ٻه عوامي خدمتن جا اعلان ۽ 17 اشتهار ڏيکاريا ويا، مدعي چيو ته فلم جي دير سان ختم ٿيڻ سبب اهو طئي ٿيل ڪم مڪل ڪرڻ کان محروم ٿي ويو، شهري ڪيس ۾ ٿيٽر جي ان غير منصفاڻي واپاري طريقي لاءِ زرتلافي ڊالر هرجاڻي جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته ذهني اذيت لاءِ 57 ڊالرز ۽ قانوني خرچن لاءِ 115 ڊالرز جو مطالبو ڪيو، ڊسٽرڪٽ ڪنزيومر ڊسپيوٽ ريڊريسل ڪميشن ان مقدمي ۾ اڀيشيڪ جي حمايت ڪئي ۽ ان کي 230 ڊالرز زرتلافي ۽ 92 ڊالرز قانوني خرچن جي دائگي جو حڪم ڏنو.