ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آھي ته ڪراچي آرٽس ڪونسل نه رڳو ڪراچي شھر پر سموري سنڌ ۽ ملڪ  جي ماڻھن کي سڄو سال عوامي ھنڌن تي ٻيھر گڏ ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪندي رهي ٿي، ڪالهه  آرٽس ڪونسل آف پاڪستان پاران ڪرايل پاڪستان ٿيٽر فيسٽيول جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ھن چيو تھ آرٽس ڪونسل پاران ڪرايل ٿيٽر فيسٽيول ۾ حصو وٺندڙ ھدايتڪارن ۽ فنڪارن کي واڌايون ڏيان ٿو. ھن چيو ته  ھن فيسٽيول ۾ ڪيترائي قومي ٿيٽر گروپس سان گڏ ست بين الاقوامي گروپس حصو ورتو آھي. مون کي اهو ٻڌائيندي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي ته هتي رهڻ دوران مختلف قوميتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي پاڪستان جي نرم رخ کي ڏسڻ جو موقعو مليو. کين  اسان جي مهمان نوازي جو تجربو ٿيو. هن چيو ته آرٽس ڪائونسل اسانجو  پرامن ثقافتي مٽاسٽا جو پيغام موثر انداز ۾ پهچايو آهي. نگران وڏي وزير چيو ته هي فيسٽيول بين الاقوامي اهميت جو حامل آهي،  اهو ان وقت منعقد ٿيو جڏهن اسان جو معاشرو ڪيترن ئي چيلنجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. . ھن وڌيڪ چيو تھ اچو ته ڪراچي آرٽس ڪونسل کي تخليقي صلاحيتن، روشن خيالي ۽ سماجي ذميواري جو مينار بڻايون. ھن چيو ته منهنجي دعا آھي ته اسان جي معاشري ۾ فن لطيفه  کي ھٿي ملي، ھڪ روشن خيال معاشرو قائم ٿئي. پاڪستان ٿيٽر فيسٽيول آرٽ جي تبديلي جي طاقت جو ثبوت آھي، هن اميد ظاهر ڪئي ته اھڙي ريت ڪيترائي فيسٽيول پروان ٿيندا، جيڪي اسان سڀني کي ھڪ بھتر، وڌيڪ روشن خيال معاشري جي جوڙجڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ھٿي ڏيندا.