ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه چيو آهي ته ٿيليسيما رڳو مريض نه پر سڄي خاندان لاءِ هڪ چئلينج آهي، عوام ٿيليسيما جي مريضن جي زندگي بچائڻ لاءِ رت جو عطيو ڏئي، ٿيليسيما جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن وڌيڪ چيو ته نئين نسل کي ٿيليسيما کان بچائڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. صوبي ۾ ٿيليسيما جي علاج لاءِ جديد طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي موجب صوبي جي 26 مرڪزن ۾ 9525 مريض رجسٽرڊ آهن جن ۾ اڪثريت ٻارن جي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت نادرا جي ڪورنگي ۽ صفورا مرڪزن ۾ ٿيليسيما ۽ هيپاٽائٽس جي مفت سڃاڻپ لاءِ خاص ڊيسڪ قائم ڪيون آهن، جڏهن ته بيماري جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ شادي کان اڳ اسڪريننگ لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته ٿيلسميا جي جامع اسڪريننگ سان انهي جي پکيڙ ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.