روم(انٽريسٽنگ نيوز) ٿولهه اڪثر ته نقصان واري ئي هوندي آهي پر ٿولهه هڪ قيدي سان ڀلو ڪري وئي، 30 سال قيد ڪاٽيندڙ همراهه جيل مان آزاد ٿي ويو. ججن فيصلو ڏنو ته جيل جي ماني ان کي سلاخن پويان ڊائيٽ تي رهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي. ميڊيا رپورٽس موجب 2017 ديمتري فريڪانو نالي شهري کي ان جي گرل فرينڊ اريڪا کي بحث دوران قتل جي الزام ۾ قتل ڪيو ويو، جوابدار پهريون ڀيرو ٻڌايو ته ڦورن منهنجي گرل فرينڊ تي حملو ڪري ان کي قتل ڪيو ويو. پر جاچ ٽيم اهڙي دعويٰ مان مطمئن نه ٿي سگهي. بعد ۾ هن اعتراف ڪندي چيو ته دوست اريڪا کي 57 ڀيرا چاقو جا وار ڪري ماريو هو. ٻن سالن کانپوءِ ان تي قتل جو ڪيس هلايو ويو پر ڪورونا وبا جي ڪري ڪيس ۾ دير سبب ان کي 2022 ۾ 30 سال قيد جي سزا ٻڌائي، پر هلندڙ مهيني ان جو وزن خطرناڪ حد تائين وڌي وڃڻ ۽ جيل ۾ ڊائيٽ جي مشڪلاتن سبب کيس آزاد ڪيو ويو.