لاهور (اسپورٽس نيوز) پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ آسٽريليا هٿان 2 وڪيٽن تان شڪست تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي، محسن نقوي شڪست باوجود قومي ٽيم جي ڪوششن جي تعريف ڪندي آسٽريليا خلاف هڪ مشڪل ميچ ۾ وڙهڻ تي پاڪستان کي شاباس ڏني، سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي محسن نقوي لکيو ته اوهان ڇوڪرن پنهنجو سڀ ڪجهه ڏنو ۽ بهترين طريقي سان مقابلو ڪيو، اهو صرف پهريون ميچ آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته اوهان اسان کي پنهنجي ٽيم تي فخر ڪرڻ جو موقعو ڏيندا.