ڍورونارو(ن پ ا) سيد زين شاهه چيو آهي ته گرين پاڪستان جي نالي تي پھرين مرحلي ۾ ڪمپني سرڪار 35 لک کان وڌيڪ زمين آباد ڪندي، جنهن سان سنڌ جي زراعت ۽ سنڌ ٻيلا تباهه ٿي ويندا، جي ڊي اي ڪارپوريٽ فارمنگ جي سخت مخالف آهي، جونيئر ذوالفقار ڀٽو ڪنهن سان ذاتي طور ملاقات ڪئي هوندي جنهن ۾ اگر ڪنهن ڪارپوريٽ فارمنگ جي حمايت ڪئي آهي جونيئر ذوالفقار هن جو نالو ٻڌائي، اهڙو اظهار سيد زين شاهه ڍوروناري ۾ايس يو پاران ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو دريا ۽ وسيلا اسان جي ايندڙ نسل جي امانت آھن، سنڌ حڪومت ڪوڙ ڳالھائي ڪئنالن جي حمايت ڪئي، 2010ع ۾ پ پ جي حڪومت ھئي، جنھن وقت گريٽر ٿل ڪئنال سميت ٻيا منصوبا ھنن منظور ڪيا، ھن وقت به پ پ جو هٿ آهي، عمرڪوٽ جي ننڍي اليڪشن ۾ ووٽ لال مالھي کي ڏيو، پ پ سرڪار وارا ڌانڌلي لاءِ مڪمل هربا هلائي رهيا آهن، پر انهن جو مقابلو ڪنداسين، 24ع جي اليڪشن وانگي ايندڙ جعلسازي ڪئي وئي ته فيڊريشن خطري ۾ پئجي ويندي، 2024ع جي اليڪشن ڊپٽي ڪمشنر جي حوالي ڪري چوري ڪئي وئي، ننڍي چونڊ ۾سنڌو ندي وڪڻڻ وارن ۽ سنڌو ندي کي بچائڻ جي وارن جو جھيڙو آھي، ووٽ سنڌو درياهه خاطر لال مالھي کي ڏيو، گڏجاڻي کي خطاب ڪندي لال مالھي چيو ته آئون دريا بچايو تحريڪ جو اميدوار آهيان، چونڊ سنڌ دوست ۽ سنڌ دشمنن جي وچ ۾ آهي، عوام ڀرپور اسانکي موٽ ڏئي رهي آهي، مخالف اميدوارسان حڪومتي مشينري مڪمل طور گڏ آهي، اسان اڄ به حڪومتي مشينري جي اليڪشن ۾ استعمال خلاف عمرڪوٽ ۾ ڌرڻو هنيو آهي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ روشن مڱريو پاران رکيل ڪارنر گڏجاڻي ۾ امير آزاد پنهور، جي ڊي اي اڳواڻ فقير خضر حيات مڱريوصالح آريسر، امير ٿيٻو، فنڪشنل ليگ اڳواڻ مگهن مڱريو، نياز چوپاڻ سميت ٻين ٻين شرڪت ڪئي.