ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ  چيو آهي ته ٿر پارڪر جي شهر اسلام ڪوٽ لڳ پريم نگر ۾ نئون ايس او ايس وليج اڏڻ لاءِ 43 ڪروڙ 70 لک منطور ڪيا آهن، جڏهن ته اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر رميش وانڪواڻي انهي مقصد لاءِ 11 ايڪڙ زمين عظئي طور ڏني آهي، ڪالهه سنڌ ياترا تي پهتل ايس او ايس وليجز جي صدر ڊاڪٽر درجي وردوفا جي اعزاز ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ تقريب ٿي وڏي وزير جي سياسي مصروفيتن سبب صوبائي وزير سعيد غني وڏي وزير جي نمائندگي ڪئي، وزيراعليٰ سنڌ جي تقرير موجب  ايس او ايس وليجز 75 سالن کان 132 مُلڪن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، سنڌ ۾ ايس او ايس ڄامشورو ۽ خيرپور تائين پکڙجي چڪو آهي، لانڍي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ هر سال 1200 نوجوانن کي هنر سيکاريا پيا وڃن، سنڌ حڪومت ڄاڻايل اداري سان زمين، عمارتن ۽ مالي مدد جي صورت ۾ مڪمل سهڪار ڪندي آهي