ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهر ۾ برسات جو وسڪارو، ننگرپارڪر ۾ وسڪاري سبب ڪارونجھر مان نئيون وهي آيون، ڊيم ڀرجي ويا، ٽنڊوجان محمد ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 6 ڀاتي زخمي، ان ڏس ۾ ٽنڊوجان محمد ڳوٺ پنھون خاصخيلي ۾ بڊي مُند جي تيز تيز وسڪاري سبب ڪچي گھر جي ڇِت ڪِرڻ سبب ڇھ گھر جا ڀاتِي دٻجي ويا، ٻين گھر وارن جي رڙين تي ڇت جي ملبي ھيٺ دٻيل زخمين کي ڳوٺ وارن ھمت ڪري ڪڍي ورتو، زخمين کي صحت مرڪز ٽنڊوجان محمد اسپتال منتقل ڪيو، زخمين ۾ 25سالہ مسمات ڀِرائي زال سليم خاصخيلي، 27 سالہ سليم پٽ دائم علي خاصخيلي، 26سالہ شاھدہ زال امين خاصخيلي، 6سالہ سڪينہ ڌي سليم خاصخيلي، 12سالہ گل زادي ڌي دائم خاصخيلي، 4سالہ دلبر پٽ سليم خاصخيلي شامل آھن جن کي فوري طبي امداد ڏني وئي، ڊاڪٽرن اسپتال پھتل معمولي زخمي ٿيا آھن جن طبي امداد ڏيڻ بعد گھر روانو ڪيو ويو.ٻئي پاسي عمرڪوٽ شھر جي مختلف علائقن ۾ برسات پئي جنھن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي عمرڪوٽ جي تين تلوار موتي چوڪ ٿر بازار ۽ پريس ڪلب چوڪ سميت مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي ھلڪي برسات وقفي وقفي سان پئي جڏھن ته آسمان سان رھيو ۽  گرمي جي شدت ۾ گھٽتائي آئي،جڏهن ته نئون ڪوٽ ۽ ان جي آس پاس ٿرپارڪر وارن علائقن ۾ برسات جي وسڪاري بعد موسم خوشگوار بڻجي وئي آهي، جڏهن ته ٿرپارڪر ۾ هن وقت شديد برسات جي ضرورت هئڻ ڪري اڄ برسات پوڻ بعد مارو ماڻهن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون ۽ هوڏانهن بئراجي علائقن ۾ به پاڻي جي کوٽ هئڻ ڪري اتي فصل سڪي رهيا جتي اڄوڪي برسات کان پوءِ اتان جا علائقي واسين ۾ پڻ خوشي جي لهر ڇانيل رهي.نگر پارڪر   ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به زوردار برسات جو وسڪارو جاري رھيو، برسات پوڻ ڪري گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار بڻجي ويو ڪنري ۾ ٻن ڏينھن دوران پيل برسات 114 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته برسات پوڻ ڪري ڪارونجهر جبل مان ڀٽياڻي ، گوڙڌڙو ، پورڻ واهه ، ڀوڏيسر ، کاري واهه ۽ ٻيون نئيون وهي آيون . ڊيم ڀرجي ويا ٻي طرف آسماني وڄ ڪرڻ سبب ڳوٺ پاڙوڌڙو ۾ هاري نارائڻ ڪولهي جو هڪ ڪکائون چوئنرو ۽ 10 رڍون سڙي مري ويون. ٻي طرف برسات سبب فصلن ٻاجهر ، منڱ ، تر ، گوار  ، هيرڻ ۽ مرچن کي وڏو فائدو ٿيو آهي گذريل ڏيڊ مهيني کان برسات نه هجڻ سبب ٻاجهر ۽ گاه سڪي رهيو هو ۽ برسات سبب ماروئڙن جي مرجهايل چهرن تي مرڪون موٽي آيون آهن.