ٿر پيئڻ جو پاڻي گُهري ٿو

0
146
ٿر پيئڻ جو پاڻي گُهري ٿو

  ٿر، جنهن جو ضلعي هيڊڪوارٽر شهر مِٺي اڄُ به مٺي پاڻيءَ لاءِ سڪي ٿي. ايڪهين صديءَ ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان ٿر جي وڏي شهر مِٺيءَ جي ڪُوڪ ڪنهن در ڏجي؟ پُورا 15 ڏينهن ٿيا آھن، مٺي پاڻيءَ جي ڦُڙي لاءِ سِڪي ٿي. ٿر جي راڻي مِٺي… مِٺي، جنهن جي ماٺ ۾ به گُرو رجنيش اوشُو جي گيان جا گُفتا ملن ٿا، اُھا مِٺي اڄُ پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي پيئي! رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ مِٺيءَ کي پيئڻ جو پاڻي نه مليو ۽ مٺي واسين جي عيد به اُڃاري گُذري ويئي. اڃا الائي ڪيترا ڏينهن پاڻيءَ کان پري رکيو ويندو. ٽينڪر مافيا مٺي پاڻيءَ جو اَگهه آسمان تي چاڙھي ڇڏيو آھي. گيهه جي اَگهه ۾ ملندڙ پاڻي عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري ٿي پيو آھي. عام ماڻهو اڄ به اُڃ مري ٿو. آھي ڪير جيڪو مٺيءَ جي اختيار ڌڻين کي اهو چوي ته پيئڻ جو پاڻيءَ ته ماڻهو پکين کي به ڏيندا آھن، اسين ته انسان آھيون. انسان هُوندي به حيوانن کان بدتر جيون بسر ڪندڙ مٺيءَ واسي ٿريا اڄُ به سواليه نگاهون کڻي اهو چون ٿا ته اسان کي پاڻي ڪڏھن ملندو ۽ ڪير ڏيندو؟ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو آر او پلانٽ موجود هئڻ باوجود مٺيءَ ۾ پاڻي واري کوٽ يقينن ڳڻتي جوڳو عمل آھي. ٿر جي ٻهراڙين ۾ خاص ڪري کاهوڙ واري پاسي ماڻهن جي پاڻيءَ جي پورائي ۾ عمر گُذري ويئي پر سڪون سان پاڻي نه ملي سگهيو. اڄ اُھي ساڳيا سُور مٺيءَ جو ماڻهو به ڀاڳ سمجهي ڀوڳي ٿو.

ٿر جي دردن جي داد رسيءَ لئه پنج ستارا هوٽلن جي ايئرڪنڊيشنڊ هالن ۾ وڏي سج ڌج سان سيمينار ٿين ٿا. ٿر ريسٽ هائوس جي ٿڌن ڪمرن ۾ سنڌ ڪابينا جا اجلاس ٿين ٿا، پر ٿر کي ڇا ٿو ملي؟ سکڻن دِلاسن کان سواءِ ڪُجهه به نه. اُنهن سيمينارن ۽ اجلاسن جي ٿر جي اُن ڌنار کي ڪهڙي ڪَل، جيڪو ميڪا ٽُونڪي جي مٿاري تي ويهي صرف اهو سوچي ٿو ته مينهن ڪڏھن وسندو؟ اُن کي ڪهڙي خبر ته ان جي مرندڙ مال لئه پرديسي ديالو ڊونرن کان مليل چارو ٿِري پيس ۽ ٽائي پاتل ديسي درنده سيمينارن ۾ ئي چَٽ ڪري ويا. خانگي ادارن کان مليل سڻڀن پراجيڪٽن جي باري ۾ ٿر جي اُن پورهيت مِرچُو کي ڪهڙي ڪَل، جيڪو چِيڪڙُو واري چونئري جي ٽونڪ تي ويهي پنهنجي اڪيلي ڌيءَ جي اوسيئڙي ۾ آھي ته جي هيل به مينهن مڳي ڪري ويو ته هُن کي ڪيئن شينهن ڪُلهي چاڙھيندس؟

سرڪار نامدار طرفان مليل مدد جي باري ۾ ٿر جي ان اڀاڳڻ ٿاريليءَ کي ڪهڙي خبر، جيڪا ساٺيڪي کُوھ جي سيرڻ ۾ وَرت ويڙھيندي اهو سوچي ٿي ته مولا مينهن الائي ڪڏھن وسائيندو، جو مٺو پاڻي پي ڍؤ ڪنديس؟ ان کي اهو ڪير ٻُڌائي ته تنهنجي پيئڻ واري پاڻي جو بندوبست ڪرڻ لئه سرڪار ڪروڙين رپيا خرچ ڪري تنهنجي ڳوٺ کان ڪوھين ڏُور ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو رورس اوسموسس پلانٽ لڳائي تنهنجي اُڃ جو سستو سودو ڪيو آھي. مٺيءَ کي ايشيا جو وڏي ۾ وڏو آر او پلانٽ ته مليو، پر پاڻي نه مليو. مِٺي اڄ به مٺي پاڻيءَ جي ڦُڙي لاءِ ڦٿڪي پيئي. ٽينڪر مافيا طرفان ڦرلٽ ۾ واڌارو ٿيو آھي. درياءُ جو پاڻي گيهه وانگي وڪامڻ لڳو پر ٿر کي ڇا مليو؟ سياسي پَهچ کان پري ٿاريليون اڄ به سُڃ ۾ اُڃ مرن ٿيون. جر جو سنکيو پيئندي جن جا ڏند اَڪ جا سُڪل پُڙا ٿي ويا آھن ۽ ماڻھو چون ٿا ته ٿر ترقي ڪئي آھي! ٿر خاڪ ترقي ڪئي آھي. ٿر جي فطرتي سونهن جا سفير مور راڻي کيت جي روڳ ۾ موت جو ڀوڳ بڻجي ويا. ٿر جي اَڀرن مارُوئڙن جا معصوم ٻچڙا بُکن ۾ پيٽ مهٽيندي مري ويا. ٿر جي اَمن کي ڌونئري ڏينهن جو مٺيءَ ۾ گوليون هڻي بگاڙيو ويو. ٿر جا تعليم يافته نوجوان مايوس ٿي آپگهات ڪرڻ تي مجبور آھن. ماڻهو چون ٿا ته ٿر ترقي ڪئي آھي.

ٿر جو نوجوان پڙھيل لکيل هئڻ باوجود ڊگريون هٿ ۾ کڻي اقتداري وڏيرن جي درن تي ڌڪا کائيندي اوور ايج ٿي ويو، پر ڪُجهه به نه مليو. ٿري نوجوان جي بيروزگاريءَ جو  بنواس ڪير ختم ڪندو؟ وڏن ماڻھن جي وڏين سفري سهولتن لئه برپٽ بيابان ۾ هوائي اڏو ٺھيو، پر ٿر کي ڇا مليو؟ مسڪين ٿري بس جو ڀاڙو مس ڏيئي سگهن، سو جهاز جو ڀاڙو ڀري روز ڪهڙو لاهور لُٽڻ ويندا. بي تحاشا بُک ۾ مري ويل ٿر جي معصوم ٻچڙن جي بهاني ڪروڙن جي اسپيشل بجيٽ الاٽ ٿيڻ ڪري مٺيءَ جي سول اسپتال سنڌ ۾ ماڊل طور متعارف ڪرائي ويئي. ڊاڪٽرن کي لکين رپيا محنت الائونس مُفت ۾ مليا پر ٿر کي ڇا مليو؟ ٿر جو ڪو به مسڪين مريض علاج لئه وڃي ٿو ته ڊاڪٽر چون ٿا، “اي بچي ڪونهي، مٿي کڻي جائو”. ٿرين 15 سالن کان يڪو ڳڙهي خدابخش جو قرض لاٿو آھي. حالانڪه ٿر ڏانهن ٽڪو به گُهرندا ڪونه هُئا، پوءِ به ٿر نڀايو. ٿر پنهنجي لوئيءَ ۽ لڄ جي محافظن جا هڙئي وڙ وساري شهيدن جو ڀرم رکيو، پر اُنهن جي ڇڏيل ڇاڙتن 15 سال ٿر جي ڇاتيءَ تي سواءِ مڱ ڏرڻ جي ٻيو ڪُجهه به نه ڪيو. ڪيا ته رڳو مسڪين ماڻھن جي پلاٽن تي قبضا. غريبن جي اَجهن کي روڊن جي آڙ ۾ ڊاهي پٽ ڪندڙ انهن بي پرواھ بادشاهن راڄ ويڙهائي چٽ ڪيا ۽ اڄ وري به چون ٿا ته اڃان به قرض رهيل آھي. ٿر يڪو پٺاڻ وارو قرض لاهيندو پيو ته ٿر کي ڇا ملندو؟ هُونئن به ڇا مليو آھي؟ ٿر ته اڄُ به پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ اکيون آسمان ۾ اٽڪائي ويٺو آھي ته ڪڏھن ٿو امبر پنهنجا وشال شاور کولي، پلر سان پياس اُجهائي. دُنيا ڪَڻڪ کائي کائي اوڪڻجي ويئي، پر ٿر کي ته پيئڻ لاءِ لَپ پاڻيءَ به نٿو ملي. ٿر اوهان کان ٻيو ڪُجهه به نٿو گُهري، فقط پيئڻ لاءِ پاڻي مهيا ڪري ڏيو ته جيئن ٿر نِڙي سائي ڪري ڪو سُک جو ساھُ کڻي. جنهن ڏينهن ٿر کي پاڻي ملي ويو، اُن ڏينهن ٿر پنهنجن پيرن تي بيهڻ جھڙو ٿي پوندو. ٿر جڏھن پنهنجن پيرن تي بيٺو، تڏھن عالمي پِنَ جو ڪشڪول ٿيڻ کان بچي پوندو.