ٿر جي ثقافتي هنرن جي تاريخ کي سمجهڻ جي لاءِ واريءَ جي ڀٽن ۾ ٿر جي قديم آثارن تي ڪڏهن ڪم ٿيو ئي نه آهي. ارتقائي سفر مان گذرندي انسان غارن کي ڇڏي ٻين ندين ۽ نالن سان گڏ هاڪڙي جي پاڻيءَ جي پيچرن جي ڀرسان گهر اڏي ويٺو، شڪار ۽ حفاظت جي لاءِ پٿر، ڪاٺ ۽ لوهه جا هٿيار ٺاهيا، زراعت جي لاءِ هر ۽ پاڃاري ٺاهيا، اناج رکڻ جي لاءِ گنديون، ماني پچائڻ لاءِ دانگي، ٻوڙ رڌڻ جي لاءِ ڪني، انگ ڍڪڻ جي لاءِ پهرين جانورن جي چمڙي کي ڪتب آندو، پوءِ ان، ڏاس ۽ ڪپهه کي ارٽ ۽ ٻين اوزارن تي ڪتي آڏاڻي تي ڪپڙو اُڻيو. ائين ڪورڪي، موچڪي، رازڪي، واڍڪي، ڪنڀارڪي ۽ لوهارڪي هنر کي هاڪڙي جي ڪنڌي تي پروان چڙهڻ جو موقعو مليو پر وقت گذرڻ سان اهي سمورا هنر هڪ وڏي عروج تان موٽ کائي پنهنجي تخليقڪارن سان گڏ مٽي جو پور ٿي ويا يا وري اهو مان نه رهيو.
ٿر ۾ پرماري طبقي سماج جي اڏاوت تي قبضو ڪري هنرمند هٿن جي ڌڻين کي اڻ سڌي طرح حقارت ۾ اڇلي پاڻ اتم حاڪم بڻجي پورهيت کي ‘ڪسبي’ جي درجي ۾ آندو. پورهيت کي اجورو ‘بارٽر سسٽم ’يا ‘آهت’ وسيلي ادا ڪيو. ٿر جي هنرمندن جا سون سريکا انصاف جي لاءِ هر دور ۾ ٻاجهائيندا رهيا آهن. ٿر ۾ اُن ۽ ڏاس جي اڻڪاري ۽ چمڙي جي ماضي ۾ وڏي صعنتڪاري رهي آهي، ڪپڙي اڻڻ جي لاءِ ارٽ ۽ آڏاڻو ڍگا گاڏي جي لاءِ ڦيٿو سنڌو تهذيب جون آڳاٽيون شاهڪار ايجادون آهن. ارٽ جنهن جي طفيل انسان تهذيب جي ارتقائي دورن مان گذري ڪپڙي جي جديد صعنت ڪاري ۾ داخل ٿيو آهي. شروعاتي دور ۾ هن گهريلو مشين جا سمورا پرزا ڪاٺ مان گهڙيا ويا، پر وقت گذرڻ سان هن ۾ ڪجهه لوهه جو به استعمال ٿيو. سنڌو ماٿري مان پروان چڙهندڙ هن مشين کي سڄي دنيا ۾ ڪتب آندي ويئي آهي. صنعتي ترقي کان پوءِ روايتي ارٽ گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو آهي. جنهن سان ٿر ۽ ڪوهستان سميت ختم چراگاهن وارن علائقن ۾ رڍن جي ان مان تيار ٿيندڙ کٿن، لوين ۽ ٻين اوني شين جي لاءِ ان جو ڌاڳو ڪٽجڻ تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي. بئراج ۾ ڪپهه پوڻيون ٻاهي ٽٻڪن ۾ رکي آتڻ تي اچي ارٽ ڪتيندڙ ڪاپائتين ۽ سڦرو سٽ خريد ڪندڙ واپارين سميت ڀٽ ڌڻي جي سر ڪاپائتي جا سمورا ڪردار ماضي جو قصو بڻجڻ تي پهتا آهن.
ٻڪرين ۽ اٺ جي ڏاس کي پهرين سٽي، صاف سٿري ڪري پوءِ ويڙهي ٺاهي ڍيري تي پهرين وٽي ان مان کرڙ، کاهيون ۽ فراسيون ٺاهيون وينديون هيون، لطيف سائين پنهنجي شاعري ۾ کٿي، لوئي ۽ کرڙ کي ڳائيندي چيو آهي ته؛
جت ‘کرڙ’ ‘کٿا’ ۽ ‘کاهيون’، پال پڪا ۽ پڪ،
(شاهه جو رسالو مرتب ڪلياڻ آڏواڻي ص 346)
لاکيون مٿن لويون، اوڍين اڇي ان،
( شاهه جو گنج؛ حاجي الهداد جنجهي ص410)
ننڍي کٿي کي کٿِيءَ چئبو آهي. کٿي ۽ کٿِيءَ جي ڀانت ۾ فرق هوندو آهي. لطيف سائين کٿِيءَ کي ڳائيندي چيو آهي ته؛
ستي لڌم سهڻو، کٿيءَ ۾ خاصو،
(شاهه جو گنج مرتب ڪلياڻ آڏواڻي ص 345)
ڪفن جي لاءِ ڪتب ايندڙ کٿيءَ ۾ مخصوص ڀانت وارا گل هوندا آهن. ‘کٿيرين’ وٽ کٿيءَ ۽ لوئي جي اهميت، پٽولن، بافتن، ارمق، ٻانڌڻن، ارغچ، عنبير ۽ کُهنبن کان وڌيڪ هوندي هئي. لطيف مارئي جي واتان چَورائي ٿو ته؛
ٻانڌوڻا ٻن ڏيان، ارغچ ۽ عنبير،
ماروءَ سين شل ماڻيان، کٿيون جهڙيون کير،
اندر اڃ اُڪير، مون کي پرينءَ پنهوار جي.
(شاهه جورسالو؛ عثمان علي انصاري ص 397)
رڍن جا ننڍا ڦر جن کي ‘سسا ڦر’ سڏيو ويندو آهي، انهن جي ان نرم ريشم جهڙي هوندي آهي. سسن ڦرن جي اُن واري شال ملائم ٿيندي آهي. سسن ڦرن ۾ پاڪ دامن واري مادي ڦر جي اُن کي ڀاروڙي چئبو آهي. ڀٽائي مارئي جي واتان ڀاروڙي جي ڀرم جي دعا گهرندي چيو آهي ته؛
زيريين ٻيڙيين لوهه ۾ ڳٽن ڪيس ڳاهه،
سنڪي سندي سومري هڏ نه چاڙهيم ماهه،
سرتيون! دعا ڪجاه ته ڀرم ڀاروڙي رهي.
(شاهه جو رسالو ؛ گربخشاڻي ص 325)
هاڻي ٿر ۾ اُن ۽ ڏاس نه ڪتجي ٿي نه اُن جا کٿا اڻجن ٿا، مشين جي ٺهيل پشم جي لوئي ۽ شال جا ڪجهه ڳوٺن ٽاڀو مينگهواڙ، سوري جو تڙ، رامجي جي ويري، سينهار ، ننگرپارڪر ۾ آڏاڻا آهن. جڏهن ته کرڙ ، کاهيون، جيرويون ۽ ٻوريون ته ٺهڻ جهڙوڪ مڪمل بند ٿي ويون آهن. اُڻڪاري جو ڪم ڪندڙ کي ڪوريءَ پڻ چئبو آهي، ٿر ۾ ‘ڪوري’ اڇڙي ٿر واري پاسي رهن ٿا. ڀٽ ڌڻي ڪورين کي ڳائيندي چيو آهي ته؛
هلو هلو ڪورين، نازڪ جني جو نيهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
کٿي، لوئي ۽ شال جي اڻڪاريءَ جو ڪم مينگهواڙ قبيلي جا ڪاريگر ڪندا هئا ۽ ڏاس مان کرڙ، ٻوريون ۽ فاراسيون وغيره ڀيل قبيلي جا ڪاريگر به ٺاهيندا هئا. ٿر ۾ چمڙي جو هنر جو وڏو عروج رهيو آهي. ٿر جا مينگهواڙ موچي چمڙي جي رنڱاوت ۽ ڪم جا وڏا ڪاريگر هوندا هئا، انهن جي هٿن جي رنڱيل چمڙي جون ٺهيل شيون ڪاريگري جو شاهڪار نموني ۾ ڳڻيون وينديون هيون. چوپائي مال جي لاٿل کل کي ‘ڇوڙو ’سڏيو ويندو آهي، ان کي رنڱڻ جي لاءِ سڀ کان پهرين ‘ماٽي ’ جي مرحلي مان گذاريو ويندو آهي. ماٽي جي لاءِ هڪ وڏي مٽ ۾ اڪ جو کير ۽ لوڻ ملائي ڇوڙي سان گڏ مَٽ ۾ وجهي بند ڪري هڪڙي پاسي وڻن جي جهڳٽن ۾ پوريو ويندو آهي. تقريبن ڏهه ڏينهن پوريل رهندو آهي پوءِ مٽ کولي ڇوڙو ڪڍي پاڻي سان ڌوئي رنبي سان وار لاهي سڪائي ڇڏبو آهي. هن مرحلي ۾ ڇوڙي کي ‘اڌوڙ ’ چئبو آهي. اڌوڙ جي پوري ريت سڪڻ کان پوءِ رنڱڻ جي مرحلي ۾ آڻبو آهي. ٿر ۾ ٻٻر جي ڇوڏن سان رنڱ ڏبو آهي. ‘اڌوڙ ’ کي ٻٻر جي ڇوڏن کي ڀري ڳوٿري ٺاهي ٽنگيندا آهن. مٿي پاڻي هاري ڏه کان پندرنهن ڏينهن پسائي رکندا آهن. پوءِ چمڙو تيار هوندو آهي. جنهن جاءِ ۾ موچي ڪم ڪندو آهي تنهن کي دُکاڻ سڏيو ويندو آهي. چمڙي جي ٺهندڙ شين ساندارا، سانداريون،ٻوڪا، چڙسيون، ڪوس، بڊوڪا، قنديل، ڀاني، توبرو، نورا، دٻيو، مياڻ، ڍال، تنگ، لوند، ڇل مردو، دئال، ڇڄ، موڙا، ورت، نيٽا، جهاڙولا، ڌمڻيون، دهل، نغارا، ديسي سليپر، مارواڙي جتي، گهوڙن جي سجائي، ناڻا، نيٺا، چامٽا، ڳانيون ۽ ٻيون شيون شامل آهن. چمڙي جي ڪيترين شين تي ڀرت ڀريل هوندو آهي. ڪن تي وري چاندي مڙهيل هوندي آهي.ٿر جي ڪاريگرن جون چمڙي مان ٺهيل شيون ۽ رڱيل چمڙو ٿر کان ٻاهر وڪري جي لاءِ پڻ ويندو هو. ٿر ۾ هاڻي چمڙي جي رڱاوت توڙي چمڙي مان شيون ٺاهڻ جو ڪم گهٽجي ويو آهي. هڪ ٻن ڳوٺن ۾ ڪو ورلو ڪاريگر اهو ڪم ڪري ٿو. عمرڪوٽ جا جٽيا ۽ ڪلال کلن جو واپار ڪندا هئا. هاڻي ‘جٽيا’ به هي ڪرت ڇڏي چڪا آهن.آڳاٽي دور جي موچين ڪپڙي جي اڻت کان اڳ ۾ چمڙي کي رنڱي انگ ڍڪڻ جي لائق بڻايو هو. لطيف سائين چمڙي ۽ ان مان ٺهندڙ شين جو تذڪرو ڪندي چيو آهي ته؛
ڇڏ چادر ٻڌ چمڙا، جُتي تو نه جُڳاءِ،
(شاهه جو رسالو ؛ عثمان علي انصاري ص 566)
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍار،
(شاهه جو رسالو ؛ مرزا قليچ ص 506 )