اسلام ڪوٽ(ن پ ا) ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ وروائي لنجا ۽ وروائي راهمان ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ اوچتو پراسرار بيماري ڦهلجڻ سبب ٿر جي سونهن مور ۽ ڪڪڙ مرڻ لڳا آهن، ڳوٺاڻي ڪريمداد لنجو ٻڌايو ته پراسرار بيماري سبب مورن کي شروع ۾ تيز کنگهه ٿئي ٿي جنهن بعد جسم سمورو سڙي ڳري وڃي ٿو، جنهن بعد مور مري وڃن ٿا ديسي ڪڪڙ به مرن پيا رڳو عيد وارن چئن ڏينهن ۾ 10 کان مٿي مور مري چڪا آهن جهنگ ۾ مئل مورن جا رڳو پچرا پيا آهن، ڪيترائي مور مري چڪا آهن، ڪيترائي مور اڃان بيمار پيا آهن، جن کي اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت وس آهر دوا ڏئي بچائڻ جي ڪوشش ڪريون پيا، باقي جيڪي ڳوٺ کانسواءِ جهنگ ۾ بيمار مور آهن، تنهن کي ته ڪتا ۽ ٻلا ماري کائي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيوآهي ته لاڳاپيل کاتو نوٽيس وٺي ٽيمون موڪلي ٿر جي خوبصورت پکي مورن جي نسل کي بچايو وڃي.