ٿر ۾ هاڻي چئن گهرن جي ڍاڻي، وانڍ ۽ وانڊيئي جو رواج وڌي رهيو آهي پر اڳ ۾ وڏو ڳوٺ ٻڌي مختلف ڪڙمن قبيلن جي ماڻهن جو گڏجي ويهڻ جو رواج گهڻو هوندو هو. وڏا ست راڄ يعني ستن ڳوٺن گڏجي ست راڄي ‘راڄ ڀاڳ’ جوڙيو. ڪٿي ڪٿي ٻارنهن تڙن يعني 12 ڳوٺن جو گڏيل راڄ ڀاڳ رهيو آهي. گڏيل راڄ ڀاڳ ۾ وسندڙ ماڻهن جا اٿڻ ويهڻ، ريتون رسمون، مرڻا پرڻا، ڏک سک سڀ گڏيل رهيا آهن. هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ سمورين بردارين جو گڏيل پنچائتي نظام يا ڳوٺاڻو راڄوڻي نظام هوندو هو، جنهن ۾ سڀ گڏجي ويهندا هئا. سمورن جي راءِ جي اهميت هوندي هئي. ڪير به ڪنهن کان ننڍو وڏو نه هوندو هو، جيئن لوڪ ڏاهپ جي چوڻي ۾ چيو ويندو آهي ته، “مڱ جو ڪڻ مڱ جي ڪڻ کان موٽو (وڏو) نه آهي”، “ماڻهو رٻ هيڻا هئا پر هڏ هيڻا نه هئا” پر وقت گذرڻ سان هڪڙي اڳواڻ جو رواج پيو. گهر جي اڳواڻي کان وٺي پاڙي، ڳوٺ، ست راڄي ۽ ٻارنهن تڙن تائين جڙيل گڏيل نظام ۾ مختلف لقبن جا ڌڻي سامهون آيا. چيو وڃي ٿو ته انگريز دور ۾ لفظ ‘پٽيل’ پروان چڙهيو.، پٽيل جي معنيٰ آهي ٻنيءَ جي مالڪاڻي حق وارو پٽو کندڙ. جنهن کي ٻنين جي مالڪاڻي حق وارا وڌيڪ پٽا مليا، اهو ٿيو وڏو پٽيل. مکي ۽ ٽيلات برادرين جا اڳواڻ هوندا آهن. اهڙي طرح وڏيرو به ڳوٺ ۾ وڏي حيثيت رکندڙ کي چيو ويندو آهي. انهن سان گڏ راڄ ڀاڳ ۾ نيڪ مرد جي ناموس رهي آهي. ڳوٺ جي نيڪ مرد کي اڄ به ‘ساک پت’ وارو به چوندا آهن. جنهن جي ڳالهه تي اعتبار ڪيو ويندو آهي. هن جي ڳالهه قسم جي برابر هوندي آهي. ڪنهن معاملي تي چار چڱا مڙس لنگهي ويا يا ڪنهن وٽ منٿ ميڙ ڪئي ته معاملو در گذر ڪيو ويندو آهي. فيصلي دوران يا اڳ ۾ جوابدار ڌر جي وڏي يا ان جي پاران ڪنهن نيڪ مرد منٿ جي لاءِ پٽڪو لاٿو ته به ڏوهه معاف ٿي ويندو آهي. نياڻين جي ميڙ کي وڏو مان ڏنو ويندو آهي.
پٽيلن ۽ وڏيرن ۾ڪي ڀلا ٿيا ته ڪي ڍلا. ڪردار جي ڪچن، ڍلن حرفتي پٽيلن ۽ وڏيرن کي ‘تروٽي پٽيل’ ۽ ‘تروٽي وڏيرا’ سڏيو ويو. انهن انگريزن جي پاليسي ‘وڙهايو ۽ راڄ ڪريو’ کي مقامي سطح تي آڻي پنهنجن ماڻهن تي لاڳو ڪئي. انهن جي سوچ جو تسلسل رکندڙ اڄ به راڄ ڀاڳ جي ريتن رسمن کي ريٽي سماجي ڇڙواڳي کي وڌائي ڪڙمن ۽ قبيلن کي گسن گهيڙن، پڊن، پلاٽن، وٿاڻن، واڙن ۽ ٻنين جي مهاڳن، پاڻي ڍورن ۽ يڪسالن جي معاملن ۾ ويڙهائڻ جي پوري ريت جستجو ڪري رهيا آهن.
راڄ ڀاڳ جي سٺن رکوالن وٽ پنهنجي راڄ ڀاڳ جي ڀلائي جو واضح تصور ۽ مقصد سان ڀرپور ادراڪ هوندو هو. هُو راڄ ڀاڳ جي هر ڏک سک ۾ گڏ هوندا هئا. اهي پنهنجي تصور سان جذباتي وابستگي هئڻ باوجود ڌيرج سان ڪم وٺندا هئا. جيڪڏهن ڪٿي هار پلئه پوندي هئي ته به پاڻ سنڀالي اڳتي وڌڻ جو حوصلو رکندا هئا. جيڪڏهن راڄ ڀاڳ ۾ ڪي شيون غلط فهين جي ور چڙهي غلط رخ اختيار ڪري وينديون هيون ته انهن کي روڪڻ جي لاءِ انهن وٽ لوڪ ڏاهپ جي آڌار اپاءُ هوندا هئا، هو اثرائتي ڪردار سان پنهنجي تصور جي راڄ ڀاڳ جو تحفظ ڪندا هئا. ماڻهن کي سمجهڻ ۽ انهن سان گڏجي راڄ ڀاڳ جي معاملن کي سنڀالڻ جي لاءِ ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ ضروري سمجهندا هئا. ان جي لاءِ وقت ڪڍندا هئا، ائين ڪرڻ سان انهن کي راڄ ڀاڳ جي ماڻهن جي ويچارن، انهن جي سگهه يا قوت ۽ ڪمزورين متعلق ڄاڻ ملندي هئي. جنهن جي آڌار راڄنيتي جي معاملن کي نبيرڻ ۽ نئين رٿابندي ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي هئي.
راڄ ڀاڳ جا اڳواڻ ڪو به ڪم اڪيلي سر نه اڪلائيندا هئا، پنهنجي راڄ جي اهل ماڻهن سان صلاح مشورو ڪري انهن کي با اختيار بڻائيندا هئا، انهن کي ئي فيصلي سازي جي عمل ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ اتساهيندا هئا. اهڙن راڄوڻي اڳواڻن جو مثبت رويو انهن کي مختلف قسم جي نقطهء نظر کي سمجهڻ ۽ معاملن جا حل ڄاڻڻ جي سلسلي ۾ مددگار ثابت ٿيندو هو. هو وقت به وقت ماڻهن کي يقين ڏياريندا هئا ته اهي راڄ ڀاڳ جي رکوالي ۾ ڀروسي جوڳا آهن، اهي مقصد ماڻي سگهن ٿا، جيڪي انهن طئه ڪري رکيا آهن. انهن کي ڪير للڪاريندو هو ته اهي پنهنجي بچاءُ جا گس گهيڙ ڳولڻ جي بدران پوري اعتماد سان للڪار کي قبول ڪندا هئا. پوءِ حالات ڪهڙا به ٿي پون پر پنهنجي بنيادي اصول واري پنهنجي سچي ۽ کري موقف تان نه هٽندا هئا. ٿري سماج ۾ سخي ۽ بهادر جي وڏي اهميت رهي آهي. عام ماڻهو اڏول اڳواڻن جي نه صرف جذبي کي ساراهيندا هئا پر پاڻ به انهن سان گڏ جان گهورڻ جي لاءِ تيار ٿيندا هئا. وقت اچڻ تي پڙ ۾ پهلوانن وانگر پهرين اڳواڻ هوندو هو ۽ پوءِ ٻيا راڄ وارا لهندا هئا.
ٿر جي زرعي سماج ۾ شراڪتي بنيادن تي جوڙيل پنچائت ۽ راڄ ڀاڳ جي منظم پابندي ۾ سڀ سريکا هوندا هئا. اڻ لکيل سماجي ٻنڌڻن ۾ ڪو به وڏو ننڍو نه هوندو هو. ڪوبه سماجي قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪندو هو ته ان کي راڄ ڀاڳ جي فيصلي تحت سزا ملندي هئي. وڻن جي واڍي ۽ شڪار تي سماجي پابندي هوندي هئي. ڳوٺ جي اجهور ۽ نياڻ جي ارد گرد جو خاص خيال رکيو ويندو هو. اٺ سواري هجي يا گهوڙي سواري، ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر پري لهي پنڌ ڳوٺ ۾ داخل ٿبو ۽ ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر پري ٻاهر نڪري سواري تي چڙهبو هو. ڳوٺ ۾ مٿي اگهاڙو نه هلبو هو، اجرڪ، پٽڪو، انگوڇو وغيره مٿي تي ٻڌل هوندو هو يا ٽوپي پاتل هوندي هئي. ڳوٺ ۾ هلندي ٻار ٻچا سامهون اچي ويندا هئا ته مرد هڪ پاسي ٿي بيهندا هئا. مقام يا مساڻ وڏن ماڻهن جو هجي يا ننڍن ٻارن جو، وڏو احترام ڪيو ويندو هو.
ڳوٺ جي مُکي، پٽيل يا وڏيري ڪٿي فيصلي ۾ ريا ڪري ڪنهن ڌر جو پاسو ورتو يا ‘اک پور’ ڪئي ته ست راڄي نيڪ مرد گڏجي ان کي ڏوهي ڪندا هئا. لوڪ ڏاهپ ۾ راڄوڻي نياءُ سگهاري سماج جو بنيادي اصول رهيو آهي. انصاف سان سماج اڳتي وڌندا آهن، جنهن سماج ۾ انصاف نه هوندو آهي، اهو سماج بربادي جي اوڙاهه ۾ اچي ڪرندو آهي. لوڪ ڏاهپ تحت ڪنهن به راڄوڻي فيصلي ۾ فيصلو ڪندڙ راڄوڻي امين وٽ برداشت جو مادو هجڻ ضروري آهي.
سپوتر سخن سهي، جوُن وڍ سهي وڻڪار،
ڌرتي ڪني ڌپ سهي، جوُن ندي سهي آر.
(سپوٽ شخص ماڻهن جا ڪڙا ٻول ائين سهندا آهن جيئن وڻڪار ڪهاڙي جا وڍ سهندي آهي. ڌرتي هر ڪني ڌپ ائين سهندي آهي، جيئن ندي پاڻيءَ جو آر سهندي آهي).
ڳالهين دوران ڌريون جذباتي به ٿي وينديون آهن. امين نه صرف صبر سان ٻڌندو آهي پر ماحول کي پنهنجي هٿ هيٺ رکندو آهي، جيئن ڳالهين دوران ڪو اڻ وڻندڙ واقعو به پيش نه اچي. ڌرين جا به امين هوندا آهن. ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي پوءِ آخر ۾ ڳالهين جي تور تڪ ڪري معاملي کي مڪمل سمجهي ڳالهين ۾ ڳالهه کي کٽائي بي ريا فيصلي جي امانت ڪندي فيصلو ٻڌائيندو آهي. جنهن تي ٻئي ڌريون اتفاق ڪنديون آهن. فيصلو قبول ڪرڻ کان پوءِ ٻئي ڌريون عمل ڪرڻ جون پابند هونديون آهن. فيصلو ڪندڙ مک ڳالهيون ٻڌڻ دوران نه صرف هر ڳالهه ڌيان سان ٻڌندو آهي پر چهري جي تاثر کي پڙهندو آهي. ماهر نفسيات وانگر ڳالهه جي ڪرڻي مان پرکيندو آهي ته سچ ڪيترو آهي؟ جيڪڏهن معاملو ڳالهين ۾ نه نبريو ته پوءِ ساک ورتي ويندي آهي. لوڪ ڏاها چوندا آهن ته:
ڪوڙو ڀلو نه ڪوڪرو، سچي نه ڀلي ساک،
ڏنو ڀلو روپيو، ليو نه ڀلو لاک.
فيصلي تي عمل ڪرائڻ اهم هوندو آهي. امين ڪوشش ڪندو آهي ته فيصلي ۾ ڏنڊ وغيره نه وڌو وڃي. جوابدار ڌر يا ان جي پاران ڪنهن ٻئي معزز جي منٿ ميڙ يا لنگهي وڃڻ سان مسئلو حل ٿي وڃي. فيصلي ۾ اڪثر طور ڌرين جي انا ڪر کنيل هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن امين ڌرين جي انا کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڻ منٿ ميڙ ڪندو آهي يا پاڻ هڪ ڌر يا ٻنهي ڌرين وٽ لنگهي ويندو آهي. ڏنڊ جو ٽڪو به ….. (هلندڙ)