ٿر جي دلڪشي،نرملتا ۽ درد تي اياز جا ويچار

0
39
ٿر جي دلڪشي،نرملتا ۽ درد تي اياز جا ويچار

 ويراھه واھه ويجهو پاري ننگر سامونڊي بندرگاھه ۽ واپاري مرڪز هو. اياز هن قديم ماڳ پاري ننگر تي جمال ابڙو، محمد ابراهيم جويو ۽ رشيد ڀٽيءَ سان گڏ ويو هو. هتي جا باشندا جين مت جا پيروڪار هئا. هن شهر سان سڏونت ۽ سارنگا جي پيار ڪهاڻي يادگار آهي. هن ڪهاڻي جي روايت ڀٽن ۽ چارڻن جي زباني منتقل ٿيندي رهي آهي. سڏونت اوسواڙ قبيلي جي هڪ واپاري پرم شاھه جي ڌي هئي، جڏهن ته سڏونت ساليواهن نالي راجا جو پٽ هو. هي پريمي هڪ پاٺشالا ۾ پڙهندي عشق جي اڙانگي سفر جا رڻ جهاڳڻ لڳا. رسمن جي اوڙاھه ۾ سارنگا جي شادي اُجين پرڳڻي جي سيٺ سان ٿي، پر سڏونت جوڳي جي روپ ۾ سارنگا سان ملي پساھه پورا ڪيا. اياز ٿو چوي ته ڪارونجهر جي ڏونگر ۾ هن پريم ڪٿا جي گونجار اَپار آهي:

ڪارونجهر ۾ ڪوڪِرا، آڌي اُڀ اَنَنت،

سارنگا سَڏوَنت، رمتي روُيا روھه ۾. (جل جل مشعل جل)

هن وائي ۾ ڀٽياڻي ندي جي تار وهڻ جي آشا آهي. ڪارونجهر تان لهندڙ برساتي نديءَ ڀٽياڻي مان پاڻي گجگوڙ ڪري لهندڙ پاڻي جو پار ئي ڪونهي. هي ندي پيٿاپڙ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي: پريت پراڻي جو اشارو سڏونت سارنگا جي پريم ڪٿا ڏانهن آهي:

گَرجُ گَرجُ اي گونگي ڌرتي! ڀَرجُ ڀَرجُ ڀَٽياڻي!

ڀَرجُ ڀَرجُ ڀَٽياڻي!

ڪارونجهر ۾ پَئي پُڪاري، پَل پَل پريت پُراڻي!

ڀَرجُ ڀَرجُ ڀَٽياڻي!    (رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي)

اسپين جي جنرل فرانسسڪو فرانڪو جي فاشسٽ ڊڪٽيٽرشپ 1953ع تائين لورڪا جي ڪتابن تي ايئن پابندي هنئي جيئن اياز جا ڪتاب “ڀونر ڀري آڪاس” 1964ع ۾، “ڪلهي پاتم ڪينرو” 1968ع ۾، “ جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” 1986ع ۾ ضبط ٿيا. جپسي شاعر گارشيا لورڪا اندلس جي وادين ۾ رهندڙ خانه بدوشن جي زندگي تي لکيو آهي. لورڪا جا گيت خانه بدوش زندگي جي درد جو اهڙو پُرسوز اظهار آهن، جهڙو اياز وٽ آدي واسين جي پيڙاءُ جو ذڪر آهي. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب “ڪَتين ڪَرَ موڙيا جڏهن_3” ۾ لکي ٿو ته: “جيئن ٿر جي ڀيلن، ڪولهين ۽ مينگهواڙن جي رقص جا منهجي شاعري ۾ پڙاڏا آهن، ايئن اسپين جي جپسين جي زندگي لورڪا جي شاعريءَ تي اثر انداز آهي.” گيت جي اِتهاس پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته ٻڌ مت جا پنٿي سُر ۽ ساز جا هيراڪ هئا، جيڪي پوربي ٻولي ۾ مڌر گيت آلاپيندا هُئا، گيت ۽ سنگيت جو هي سڀاءُ امير خسروءَ کان ودياپتيءَ تائين سُريلي جهنڪار ۾ ملي ٿو. اياز اهڙي ئي ليگيسي جو گيتڪار آهي، جيڪو لورڪا جيان جپسي دراوڙ لوڪ جي ثقافتي رقص راسوڙا جو دلربا منظر چٽي ٿو:

هي ٿڌڙيءَ جي رات، ٿر ۾ڪيئي ڪولهڻيون،

تاڙيون وڳيون اوچتو، چيري چُپ چُپات،

آئي تنهنجي بات، راسُوڙا رڪجي ويا. ( اَڪن نيرا ڦُليا)

هڪ ڪتاب “اُٺا مينهن ملير” جي نومبر 1975ع ۾ ميرپورخاص ۾ منعقد ڪيل افتتاحي تقريب ۾ تقرير ڪندي اياز چيو هو ته: “ سال 1964ع ۾ مون ميرپورخاص کان وٺي ننگر پارڪر تائين سفر ڪيو. اسلام ڪوٽ ۾ پوري رات ٿر جا لوڪ ناچ ڏٺا ۽ لوڪ گيت ٻڌا. رستي تي گيتن ۾ ٿر جي هارين کي همرچو ڳائيندي ٻڌو، جنهن منهنجي من ۾ اهڙا جذبا اڀاريا، جيئن ڪنهن جي ڇاتيءَ ۾ ڇرو کپي وڃي ۽ گرم خون اُٻڙڪا ڏيئي ٻاهر نڪري اچي. هيءَ سر زمين جنهن جا صديون پراڻا لوڪ گيت ۽ لوڪ ناچ اڄ اتائين امر آهن، جنهن جي لوڪ ادب جو ذخيرو اکٽ ۽ املھه آهي، جنهن جا زيور، لباس، گيت ۽ ناچ وغيره انسان ذات جي مجموعي تهذيب جو هڪ امر حصو آهن ۽ جنهن جا بکايل ۽ ڏکايل مارو صدين کان رتين جي ريت نڀائيندا ٿا اچن.” ( خط، انٽرويو ۽ تقريرون_1) اياز جي لوڪ گيتن جي انفراديت هي آهي ته انهن ۾ ثقافتي دلڪشي، ٻاجهاري ٻولي، احساسن جي نفاست ۽ سُر سنگيت ۽ مروي جي هٻڪار محسوس ٿئي ٿي. اياز فڪري سُندرتا جو جوهر برقرار به رکي ٿو. اِها شاعراڻي اُٿل سگهاري فڪري سوچ سان همڪنار ٿي، سنڌ جي جواني ۾ روشن ذهن ۽ ضمير جا لاڙا پيدا ڪري ٿي:

هُڙڪ هَلو هو، ڌيمان هَلو هو!

سانوَلِڙي جو،

ڳيچُ چئو ڪو:

سانتِ بُري آ،

سانت ڪيو ڇو؟

گونج اُڀاري ڪا ته گلو هو!

 ماحول ۾ ماٺار موت طرف ڌڪي ٿي. متحرڪ ماڻهو ڏمر ۽ جبر خلاف رَٿ روڪي ويڙھه ۽ سانت بجاءِ گونج ڪندا آهن. ان ڪري لازمي آهي ته جدوجهد جي چڻنگ ٻرندي رهي. ڇو ته هي سماج اڻبرابري تي بيٺل آهي. ان سماجي اسٽڪچر ۾ سرمايو ئي هر قدر ۽ اخلاق جي وصف طئه ڪري ٿو. اهڙي نظام جي بدولت اڌ کان وڌ آبادي بک، غربت ۽ بيمارين ۾ تِڳي مري وڃي ٿي. هي مهان ڪوي تصوراتي شاعراڻي اُڇل ۾ عقلي جماليات جي آشنا سان شعوري ردِ عمل لاءِ اُتساهي ٿو. 1946ع ۾ اياز ٿر ۾ اليڪشن مهم جي پسمنظر ۾ هي گيت لکيو هو:

ڌوڏ هن سماج کي،

لوڏ سامراج کي،

ٺاھ سو نئون نظام،

جو چڱو چئي عوام_

هي نظام آ خراب_انقلاب!

هن ريگستاني خطي ۾ مارچ کان جولاءِ تائين اونهاري جي موسم ۾ ڪانوءَ جي اک ڪڍندڙ ٽاڪ ڪاڙها ٿين ٿا، انهن ئي ڏينهن ۾ اُساٽ جو تصور اڃان وڌيڪ تاسارو ٿي پوندو آهي. اپريل کان جولاءِ تائين ٿر ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، اُڃ ۽ لُوءَ جو احساس وجود تي واسو ڪندو آهي ۽ اها ويلا وڇوڙي جي ڪنهن پل کان وڌ تڙپائيندي آهي. لُڪ جُهولو ۽ تپندڙ واري جو احساس مئي جي مهيني ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي. هن ئي مند ۾ سڱريون ۽ پيرون پچن ٿا. برسات گهڻو ڪري جولاءِ آگسٽ ۾ وسندي آهي. اونهاري ۾ تيز گرم هوائون ۽ جُهولا لڳن ٿا ته سياري ۾ واري جي ٿڌڪار محسوس ٿئي ٿي. ٿر جي تصور سان رُڃ ۽ اُڃ جو تصور به اُڀري ٿو. لوءِ جي وهڪري سان ڪيئي پکي جهپڪي هيٺ ڪري مري وڃن ٿا. ٿر ۾ وڻن جي واڍي سبب پکين جا آکيرا اُجڙي ويا آهن. فطري ايڪو سسٽم جي اُجاڙ سبب پکين جا مختلف نسل ناپيد ٿيندا پيا وڃن. ڪوسي لوءِ ۾ جياپو جنجال ٿي پوي ٿو. گرم هوا سان واچوڙا اُٿن ٿا، واري تپي ٿي، واچوڙا اُٿن ٿا:

آرهڙ جو آڪاس ٻري ٿو،

 ڪانوءَ لنوي ٿو ڪنڊيءَ تي.

نيٺ ته ڌرتي

ويس وسڻ جا پائيندي

لوسڻ جيئن لهرائيندي

لوءِ لڳي ٿي

آئون لکان ٿو

لکندي لکندي سج لهي ٿو

جڳ چڙهي ٿو جنڊيءَ تي

رات اچي ٿي.

گهر گهر ڏيئا ٽمڪن ٿا

جن ۾ سپنا جهمڪن ٿا

ننڊ اچي ٿي

آئون لکان ٿو.

اياز پنهنجي جيون ڪٿا “ ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر حصو_ پهريون” ۾ لکي ٿو:

ٿر کي ياد ڪري مون کي فريڊريگو(Fredrigo)  جو نقش ياد آيو، جو مصور فرانچيا Francia)) ٺاهيو آهي، جنهن کي مخملي لباس پيل آهي ۽ جنهن جي مُٺ ۾ تلوار جو هٿيو آهي. پسمنظر بهار جا نوان گئونچ ۽ اطالوي پهاڙين جو پسمنظر هُن سان زياده ٺهڪي اچي ٿو. مصور اشارن ۾ ظاهر ڪيو آهي ته اُن ڇوڪري کي آسودگي انسانن جي صحبت کان وڌيڪ رڍن چارڻ ۾ ملي ٿي. (ص.78)

اياز ٿر آيو، هتي عوامي زندگي ۾ جهاتي پائي ڏٺائين ۽ انهي سڄي منظرنامي کي شاعري جي روپ ۾ اظهاري ويو. ٿر جي دلڪشي، نرملتا ۽ درد تي اياز جا شاعراڻي ويچار تجزياتي پرک جا طلبگار آَهن. منهنجي خيال ۾ شاھه لطيف کانپوءِ سنڌ جو ڪو به شاعر شيخ اياز جيان ٿر جو درد بيان نه ڪري سگهيو آهي:

نه هو چونري ۾ ڪٿي، راتڪو چوڻو!

نه اڄ ولوڻو، نه سي وايون وانڍ ۾.

     (جاري آهي)