ٿر جي حسناڪ مور پکي کي بچايو

0
19
ٿر جي حسناڪ مور پکي کي بچايو

سنڌ ڌرتي جي وارياسي پٽ ٿر جو حسين مور پکي بہ قدرتي نعمتن مان هڪ ناياب پکي آهي. مور پکين جي قدرت طرفان سونهن بہ پنهنجي آهي. مور پکي ٿر ۾ اڪثر جام هوندو آهي، ٿر جا ماروئڙا مور پکين سان جام محبت ڪندا آهن ۽ سندن گهرن ۾ بہ داڻو پاڻي ڏئي ان پکي جي دل وندرائيندي ڏسجن ٿا. مور پکين جي هلڻي ويهڻي اڏام بہ پنهنجي آهي، مورن جي اڪثر هلڻي ويهڻي بہ ٿر جي چونئرن ۽ وڏن وڻن تي هوندي آهي. صبح مهل ۽ شام مهل مور پکي ٿر جي چونئرن تي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جڏهن سانوڻي جي موسم ايندي آهي تہ مور پکي جهر جهنگ ۾ ڏسڻ ۾ جام ايندا آهن، اتي پنهنجو آکيرو ٺاهي آنا لاهيندا آهن ۽ جهر جهنگ ۾ ٽڪليون بہ لاهيندا رهندا آهن، مور پکين جي ٽڪلي قدرت طرفان ايتري تہ خوبصورت آهي جو ٿر جا ماروئڙا اهي خاص ٽڪليون جهر جنگ ۾ نهاري پنهنجي گهرن جي چوئنرن ۾ لڳائيندا آهن ۽ مورن جون گهڻيون ٽڪليون شهرن جا ماڻهو اڪثر ڪري شوق سان وٺندا آهن، ٿر جي خوبصورتي طور مور پکين کي لاڙ جا ماروئڙا ٿر ۾ اچي کيس دلين سان محبت ڪندا آهن ۽ هن حسين ڌرتي جو مور پکي وڏن شهرن ۾ ڪٿي بہ نہ هوندو آهي، ٿرپارڪر ۾ ٻيا پکي تہ کوڙ نظر ۾ ايندا پر مور پکين جهڙو خوبصورت پکي ڪٿي بہ نظر ۾ نہ ايندو، جڏهن تہ گرمين جون موسمون اينديون آهن تہ مور پکين ۾ جام بيماريون جنم وٺنديون آهن. جنهن ۾ ٿر جا ماروئڙا پنهنجي مدد پاڻ تحت علاج ڪندا آهن. مور پکين جو سرڪاري کاتو تہ موجود آھي پر اهو کاتو بہ صرف نالي ماتحت کاتو آهي. جڏهن پکين ۾ بيماريون جنم وٺنديون آهن تہ وائلڊ لائيف کاتو منظر عام تان غائب هوندو آهي. سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي خبرون لڳڻ ساڻ تڏهن اهو کاتو منظر عام تي پهچي مورن جون ميڊيسن وغيره ڏئي هليا ويندا آهن پر وائلڊ کاتي کي ڪرڻ ائين گهرجي تہ گرمين جي موسمن ۾ مورن پکين لاءِ ٿر ۾ بندوبست ڪرڻ لازمي آهي، جنهن لاءِ وائلڊ لائيف کاتي کي گهرجي تہ مورن ۾ راڻي کيت بيماري اچڻ کان اڳ ۾ ايڊوانس ويڪسن ڪرائي وڃي، جيئن تہ اهڙي موذي مرض کان مور پکين جو نسل بچي وڃي،

مور پکين جي ٽڪلين مان شهرن ۾ هڪ قسم جو ٻهارو ٺاهيو ويندو آهي، جنهن کي مور ڇل چئبو آهي. اهي مور ڇل ٻھارا وڏين درگاهن تي ۽ امير ماڻهن جي بنگلن تي خوبصورتي طور اندر رکيل هوندا آهن مور پکين کي مينهن جو مهندار پکي چئي سگهجي ٿو. برسات جي موسم ۾ شروعات ۾ مور پکي  وڏن وڻن تي ويهي جڏهن ٽھوڪا ڏيندو آهي تہ ٿري ماڻهن کي اها پڪ ٿي ويندي آهي تہ برسات اچڻ واري آهي. ٻئي پاسي ضرورت انهي ڳالھ جي آھي تہ سانوڻي جي موسم ۾ جڏهن ڊيلون آنا لاهينديون آهن تہ ٿر ۾ ويٺل ڪولهي،ڀيل،۽ ٻيون قومون آنا چوري ڪري وڪرو ڪندا آهن. انهي سبب جي ڪري هن پکي جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. وائلڊ لائيف کاتي کي گهرجي تہ اهڙي ناياب نسل جي پکي کي نسل ڪشي کان بچايو وڃي ۽ اهڙن ماڻهن کي قانون جي زمري ۾ آندو وڃي نہ تہ ايندڙ پنجن سالن ۾ مور پکي جو نسل ٿر ۾ ختم ٿي ويندو.