مٺي(رپورٽر) ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار جي راندين واري کاتي پاران 3 ڏينهن واري ڊيزرٽ چيلينج جيپ ريلي جي مقابلو وٺندڙ گاڏين جي رجسٽريشن جو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد جيپ ريلي جي تقريبن جو آغاز ٿي ويو آهي، جيپ ريلي ۾ 70 گاڏيون رجسٽريشن ڪرائي ڪواليفائيڊ رائونڊ ۾ شامل ٿيڻ جي قابل بڻجي ويون آھن، جڏهن ته رجسٽريشن جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جيپ ريلي جي اوپننگ سيريمني ڪري رات ميوزيڪل نائيٽ سان تقريبن جو آغاز ڪيو ويو آھي۔ ننگرپارڪر ۾ ٿر جيپ ريلي لاءِ سڀاڻي رٿيل مقابلن ۾ حصو وٺڻ لاء سڄي ملڪ جا نالي وارا ريسرز پهچي ويا آھنم جڏهن ته روپلو موٽل ننگرپارڪر ۾ محفل موسيقي جو اهتمام ڪيو ويوآھي جنهن ۾ صوفياڻي گائڪا صنم ماروي، رجب فقير، اصغر کوسو، صادق نزاڪت فقير، مائي ڌائي ۽ ٻيا پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيا آھن ٿر جيپ ريلي جي مقابلن جو باضابطه آغاز اڄ صبح سوير 7بجيٽ ٿيندو ريلي جو مڪمل ٽريڪ هڪ سئو ڪلوميٽرن تي مشتمل آھي ۽ ڪواليفائنگ رائونڊ لاءِ 5ڪلوميٽر تائين ٽريڪ تيار ڪيو ويو آهي ۔ مقامي ايم پي اي قاسم سراج سومرو۔ ضلع چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو۔ ۽ راندين واري کاتي جا آفيسر جيپ ريلي جي ميزباني ڪري رهيا آھن