ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)   ٿر جي ڪوئلي مان  ليڪوئڊ گيس ( مايع گيس ) ۽ آر اي اي (ڀاڻ) جي پيداوار جي حوالي سان صوبائي سطح تي پاليسي ۽ مسودو تيار ڪيو ويندو. اهڙو فيصلو توانائي واري صوبائي وزير  ناصر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪول اٿارٽي جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪوئلي مان گيس ٺاهڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڏکڻ آفريڪا جي جديد ليبارٽري ڏانهن موڪليل ٿر جي ڪوئلي جي نمونن جي ٽيسٽ جي نتيجن بابت نئين رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن موجب ٿر جي ڪوئلي کي گئس ٺاهڻ لاءِ بهترين قرار ڏنو ويو،اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪوئلي مان گيس جي پيداوار سان ملڪ کي هر سال 500 ملين ڊالرن جي پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت ٿي سگهي ٿي. ٿر جي 175 ارب  ٽن ڪوئلي جي ذخيرن مان انرجي سسٽم ٺاهڻ سان انرجي امپورٽ بل ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي اچي ويندي، اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو  ته توانائي وارو وزير ناصر شاهه سنڌ ڪول گيس جي حوالي سان توانائي واري وفاقي وزير سان ذاتي طور تي رابطو ڪندو.