اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿرڪول منصوبي ۾ ناانصافين خلاف مقامي ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻجي ويا، متاثر ڳوٺن نيو سينهري درس، ٿاريو هاليپوٽا، وروائي، تلوايو، گوڙاڻو، جيئندو درس، ڀاوي جو تڙ، ڪونڀاريو، ميهاري، ڌڪڙڇو، شوي جو تڙ، گوارڻ کاريو غلام شاھه، ابن جو تڙ، ڄامن سمون، کارو جاني، مهاوو ڀيل، مگهو ڀيل، سينگارو سميت ٻين ڳوٺاڻن جي رهواسين  ملهو ڀيل موڙ کان 6 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اسلام ڪوٽ آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي نبي بخش درس، سورو ڀيل، وريام لنجو، ڀيمراج ميگھواڙ، سهراب راهمون، وڪيل هيمراج ڀيل، پهلاج ڀيل ۽ ٻين چيو ته ٿرڪول ۾ حقيقي متاثر ماڻهن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي، بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي، ڌرتي ڌڻين جي بي دخلي، سماجي، معاشي ۽ ماحولياتي تباهي بند ڪري متاثر ماڻهن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، ڳوٺاٻن دانهيندي چيو ته ترقي جي آڙ ۾ مقامي ماڻهن جي تباهي ٿي رهي آهي، ڪمپنين طرفان ڪا به واضح پاليسي جوڙيل ناهي، مقامي ماڻهن کي ٿرڪول ۾ مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي، ٿر ڪول مان پيدا ٿيندڙ بجلي به نٿي ڏني وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ٿرڪول منصوبي ۾ مقامي ماڻهن سان ناانصافين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ان موقعي تي ايم بي سومرو، نرمل داس ڀيل، ديدار سينڌل، وڪيل ليلارام، اتمچند ڀيل، غلام حيدر درس، مانجي ڀيل، لجپت ملهاڻي، عزيز هاليپوٽو، سبحان لنجو، حاجي مهراڻپوٽو، سائينل شاھ، اڪبر وڪيو،دائم ميگھواڙ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.