حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ ۾ بجلي پيدا ڪندڙ منصوبن ۾ سنگين بي ضابطگيون ظاهر ٿيون آهن جنهن جي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ذڪر ڪيو آهي. ان منصوبي جي اصل پي سي ون موجب اهو منصوبو 30 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. آڪٽوبر 2016ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر مدو مالي سال 17-2018ع تائين وڌايو ويو. ٿرڪول واٽر ڪيريئر پروجيڪٽ جي خصوصي آڊٽ دوران نبي سر کان ٿر ڪول فيلڊ بلاڪ بابت مشاهدو ڪيو ويو ته منصوبي کي 4,078,270 ملين رپين جي شروعاتي لاڳت سان تفصيلي ٽوپوگرافڪ سروي ۽ ابتدائي انجنيئرنگ ڊيزائن کانسواءِ منظور ڪيو ويو. بعد ۾ منصوبي جي لاڳت کي وڌائي 9,950.149 ملين رپيا ڪيو ويو. منصوبي ۾ دير ٿيڻ سبب نظرثاني کانپوءِ اها قيمت 15,652.698 ملين رپيا ٿي وئي جيڪا اصل لاڳت جي ڀيٽ ۾ 11,574.420 ملين رپيا 283 سيڪڙو جو اضافو ڪيو ويو. آڊٽ رپورٽ موجب گڏيل وينچر معاهدي جي شق (09) موجب جيڪو اڳڀرائي جي عمل دوران پيش ڪيو ويو هو، جوائنٽ وينچر صحيح رهندو جيستائين معاهدو مڪمل نه ٿئي. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿر ڪول واٽر ڪيريئر ورڪس (نبي سر کان ٿر ڪول فيلڊ بلاڪ-II) مالي سال 18-2019ع کان 20-2021ع دوران 0.00 کان 40.0. رپين ۾ شاهه رخ انجنيئرز ۽ ڊولپرز کي ڏنو. جيتوڻيڪ ڄاڻايل ٺيڪيدار للي انٽرنيشنل (پرائيويٽ) لميٽيڊ سان جوائنٽ وينچر جي بنياد تي اڳڀرائي جا دستاويز جمع ڪرايا هئا. جوائنٽ وينچر جو معاهدو 11 آڪٽوبر 2013ع تي ڪيو ويو پر بعد ۾ 25 مارچ 2014ع جي هڪ حلف نامي ذريعي ٻنهي ڌرين جي ڊائريڪٽرن پاران صحيح ڪئي وئي ۽ اهو ذڪر ڪيو ويو ته ڪم انفرادي طور تي ڪيو ويندو. شاهه رخ انجنيئرز ۽ ڪانٽريڪٽرز پاران عمل ڪيو ويو جنهن بابت ايڪسين آفيس طرفان تصديق ٿيل خط نمبر TC/G-55/WCWD/262 تاريخ  21-04-2014ع آڊٽ رپورٽ موجب جوائنٽ وينچر ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪانٽريڪٽ کي ٻيهر ٽينڊر ڪرڻ ضروري هو پر ائين نه ڪيو ويو ۽ ٺيڪيدار کي غير ضروري رعايتون ڏنيون ويون جنهن سان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته انتظاميا طرفان خراب مالي نگراني ڪئي وئي. آڊٽ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته معاملي جي انتظاميا کي مئي 2022ع ۾ ٻڌايو ويو پر ڪو به جواب نه مليو. 29 جون 2022ع ۽ 8 نومبر 2022ع تي ياد ڏيارڻ باوجود ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو. آڊٽ پاران سفارش ڪئي وئي ته معاملي جي جاچ ڪئي وڃي ۽ غير مجاز معاهدي جي منظوري ۾ ملوث ماڻهن جو احتساب ڪيو وڃي.