اسلام ڪوٽ (رپورٽ: الطاف اسماعيل بجير) ٿرڪول منصوبي ۾ مقامي ماڻهن سان ناانصافين خلاف ڀيل انٽلئڪچوئل فورم ۽ ڳوٺاڻن پاران سنت نيڻورام آشرم کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو 2 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، بي آئي ايف جي مرڪزي صدر وڪيل لالا ڀيل، سورو ڀيل، پهلاج ڀيل، ن ليگ جي ضلعي صدر وڪيل هيمراج ڀيل، گوڙاڻو ڊيم متاثر ڀيمراج ميگھواڙ، ضلعي صدر لالچند ڀيل، ڪامريڊ گومون ڀيل، آڪاش هميراڻي، عبدالعزيز هاليپوٽو، سبحان لنجو، تاج محمد درس، سڪندر سنگراسي، اتمچند ڀيل ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ڌرتي ڌڻين جي بي دخلي، سماجي، معاشي ۽ ماحولياتي تباهي بند ڪئي وڃي، جائز مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ 3 نومبر تي سي پيڪ روڊ تي ڌرڻو هنيو ويندو، اڳواڻن چيو ته ٿر جا مقامي ماڻهو دربدر ۽ فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ترقي جي آڙ ۾ مقامي ماڻهن جي تباهي ٿي رهي آهي، ڪول ڪمپنين طرفان ٿر لاءِ ڪا به واضح پاليسي جوڙيل ناهي، مقامي ماڻهن کي ٿرڪول ۾ مڪمل نظرانداز ڪيو آهي، ٿرڪول منصوبي ۾ ٿر جي ترقي لاءِ اسپيشل بجيٽ رکي ٿر جي خوشحالي لاءِ واضح پاليسي جوڙي وڃي، ٿرڪول منصوبي جي رائلٽي جيڪو ٿر جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجي پر اها ٿرواسين تي خرچ ناهي ٿي رهي، اها رائلٽي ڪرپشن جي ور چڙهي رهي آهي، ٿر ڪول مان پيدا ٿيندڙ بجلي جيڪو سموري ملڪ کي ته روشن ڪري ٿي پر ٿر کي اها بجلي نٿي ڏني وڃي، ترقي جي آڙ ۾ ڌرتي ڌڻين کي دربدر ڪيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ٿرڪول منصوبي ۾ مقامي ماڻهن سان ناانصافين جو نوٽيس وٺي جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ ٿر جا سمورا روڊ رستا بلاڪ ڪيا ويندا، پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ 3 نومبر تي اسلام ڪوٽ ۾ تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو، اڳواڻن چيو ته ٿرڪول منصوبي جي مڪمل رائلٽي ٿر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خرچ ڪئي وڃي، ٿر لينڊ گرانٽ پاليسي جوڙي متاثر ٿيندڙ زمين خريد ڪرڻ جي بدران ليز تي ورتي وڃي، گوڙاڻو ۽ ڌڪڙڇو ڊيم ايريا ۾ متاثرن لاءِ پاليسي جوڙي ڳوٺاڻن جا خدشا ختم ڪيا وڃن، زمين خريد ڪرڻ بدران ليز تي ورتي وڃي، منصوبن جي آگاهي لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي، هنن چيو ته ٿرڪول منصوبي ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ۽ روزگار لاءِ اسپيشل ٿر پيڪيج ڏنو وڃي، ٿرڪول منصوبي ۾ بليڪ لسٽ ڪيل ڳوٺن ۽ ملازمن کي ڪڍي ٻيهر روزگار ڏنو وڃي، ريلوي لائين سبب متاثر ٿيندڙ ڳوٺاڻن جا خدشا ختم ڪيا وڃن .