اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿرڪول منصوبن ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ بدران ڪمپنين پاران روزگار کسي بليڪ لسٽ ڪرڻ، ٿرين سان ناانصافين سميت مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف بي آئي ايف پاران 20 آڪٽوبر تي اسلام ڪوٽ ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو، ٿرڪول منصوبن ۾ مقامي ماڻهن سان ناانصافين خلاف ڀيل انٽلئڪچوئل فورم ۽ مقامي ڳوٺاڻن جي اسلام ڪوٽ ۾ اهم گڏجاڻي ٿي،گڏجاڻي دوران ٿرڪول منصوبن ۾ پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪندي 20 آڪٽوبر تي اسلام ڪوٽ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ بي آئي ايف جي اڳواڻن ۽ مقامي ڳوٺاڻن سورو ڀيل، پهلاج ڀيل، وڪيل هيمراج ڀيل، ديدار سينڌل، اتمچند ۽ ٻين پريس ڪلب اسلام ڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آهي ته ٿرڪول منصوبن ۾ مقامي حقيقي ماڻهن سان زيادتيون ٿي رهيون آهن، بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽُو ۾ حقيقي متاثر ماڻهون بي يارو مددگار بڻيل آهن، هنن وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي ڪمپنيون روزگار ڏيڻ بدران روزگار کسي رهيون آهن، مقامي ماڻهن کي ڪمپنين بليڪ لسٽ ڪري نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، مطالبو آهي ته ٿرڪول منصوبي جي مڪمل رائلٽي ٿر جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي تي خرچ ڪئي وڃي، ٿرڪول منصوبي ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ۽ روزگار لاءِ اسپيشل ٿر پيڪيج ڏنو وڃي، ۽ ٿر لينڊ پاليسي ۽ ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري ان ۾ مقامي ماڻهن جي ميمبرشپ ڪئي وڃي، هنن چيو ته گوڙاڻو ڊيم ۽ ڌڪڙڇو ڊيم ايريا ۾ متاثر ٿيندڙ ڳوٺن لاءِ واضح پاليسي جوڙي ڳوٺاڻن کي بنيادي حق ڏنا وڃن ۽ متاثر ٿيندڙ زمين خريد ڪرڻ جي بدران ليز تي ورتي وڃي، ٿرڪول منصوبي دوران ماحولياتي گدلائڻ سبب ٿيندڙ نقصان انساني صحت، چوپايو مال ۽ جهنگلي جيوت جي بچا لاءِ واضع پاليسي جوڙي وڃي، ٿرڪول منصوبي ۾ بليڪ لسٽ ڪيل ڳوٺ ۽ اڳوڻي ملازمن کي بليڪ لسٽ مان ڪڍي انهن کي ٻيهر روزگار تي لڳايو وڃي، ٿر فائونڊيشن ۾ ٿر واسين کي شامل ڪيو وڃي، ٿر ۾ صحت، پاڻي جي کوٽ، تعليم ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ الڳ بجيٽ رکي وڃي، ٿرڪول ڏانهن ايندڙ ريلوي لائين ۾ متاثر ٿيندڙ زمين ۽ چوپايو مال لاءِ واضع پاليسي جوڙي ڳوٺاڻن جا خدشا ختم ڪيا وڃن، 20 آڪٽوبر تي اعلانيل ڌرڻي بعد اڳتي جي لاعمل جو اعلان ڪنداسين.