اسلام ڪوٽ(ن پ ا) ٿر سجاڳ سٿ جي سڏ تي ٿرڪول منصوبن ۾ مقامي ماڻهن سان زيادتين خلاف سالم سميجو،الماس نھڙيو،ممتاز راھمون،فقير ارشاد ڪنڀر،صابر جوڻيجو،ايڊووڪيٽ شوڪت سنڌي،ايڊووڪيٽ لو چنداڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿرڪول متاثر ڳوٺاڻن ٿرڪول موڙ کان پريس ڪلب اسلام ڪوٽ تائين پيادل مارچ ڪري پريس آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ٿرڪول منصوبن ۾ مقامي ماڻھن سان زيادتين جي انتھا ڪئي وئي آهي، ٿر جي زمين، پاڻي ۽ ماحوليات سخت متاثر ٿي رھي آھي،ويجھار پائيپ لائين منصوبي ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڪمپنين پاران ڪيل واعدن تي عمل نٿو ڪيو وڃي،خانگي ڪمپنين سان غيرقانوني معاهدا ڪري ڳوٺن جي چراگاهن تي قبضا ڪيا پيا وڃن،صرف  تعلقي اسلام ڪوٽ کي نه پر سموري ٿرپارڪر کي ھڪ سو يونٽن جي بجاءِ مفت بجلي فراھم ڪئي وڃي، ،ٿرڪول ۾  ڪم ڪندڙ مقامي مزدورن سان غير انساني سلوڪ بند ڪري کين بنيادي حق ڏنا وڃن ۽ مقامي ماڻھن کي اولين بنياد تي روزگار ڏنو وڃي،ڪول ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کان سي پيڪ جي اھم ملڪي پروجيڪٽ کي صاف شفاف بڻايو وڃي،ٿرڪول سبب ٿيندڙ ماحولياتي تبديلي سبب تمام گھڻي تعداد ۾ مال مويشي وڻ ٽڻ جھنگلي جيوت جي تحظ لاءِ ترت جوڳا اپا ورتا وڃن،ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ سموريون ڪمپنيون ڳوٺاڻن سان ڪيل ايگريمينٽ ء واعدا وفا ڪري ماڻھن جا بنيادي انساني حق ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن ٿر جا چونڊيل نمائندن جي ڪمپنين جي ڳٺ جوڙ سبب هڪ پاسي قومي منصوبي کي نقصان رسايو پيو وڃي ته بي پاسي ڌرتي ڌڻين لاءِ زمين ٽامو ڪئي وئي آهي جر جي پاڻي جو استعمال ڪرڻ سبب زير زمين پاڻي زهريلو ٿيندو پيو وڃي ۽ کوھ سڪي رهيا آهن. ڳوڙاڻي ڊيم ۾ پاڻي جي ڇوڙ سبب سموري جيوت تباھ ٿي رهي آهي، زمين جي ذخيري سخت متاثر ٿي وئي آهي ڳوٺ تلوايو ۽ ڀاوي جو تڙ، ويجھيار، کاريو غلام شاھ، وروائي سميت سوين ڳوٺن ۾ رهندڙ لکين انساني آبادي، چوپايو مال ۽ بي جيوت جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي موسمياتي تبديلي جي ڪري ٿر ۾ گرمي پد ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي جنهن جي ڪري پورو ايڪو سسٽم سخت متاثر ٿي رهيو آهي، ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ اضافي باوجود سائنسي بنيادن تي ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن سنڌ حڪومت ۽ ڪمپنين مقامي ماڻهن جي اهنجن ۽ تڪليفن ۾ گهٽتائي آڻڻ بجاءِ ٿر واسين کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي اسان انساني حقن جي عالمي تنظيمن، چيف جسٽس آف پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ٿا ڪيون ته ٿر ڪول منصوبي ۾ انساني بنيادي حقن کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي.