نئون ڪوٽ (رپورٽ: الطاف اسماعيل بجير) ٿرڪول مان اسڪريپ چوري ڪري کڻي ويندڙ 2 ٽرڪون سوگهيون، 4 ڄڻا گرفتار، 6 ڄڻن تي ڪيس داخل خبر موجب نئون ڪوٽ ۾ ٿرڪول بلاڪ ٽو مان اسڪريپ چوري ڪري ميرپورخاص کڻي ويندڙ ٻن ٽرڪن کي باءِ پاس تي چيڪنگ دوران پوليس روڪي گيٽ پاس ۽ اسڪريپ جا آفيشل ڪاغذ گهريا ته اهي ڊرائيورن وٽ موجود نه هئا، جنهن بعد پوليس ٻنهي ٽرڪن ۽ ڊرائيورن توڙي ڪنڊيڪٽرن سميت 4 ماڻهن کي گرفتار ڪري چوري جي اسڪريپ سان ڀريل ٻنهي ٽرڪن کي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ نئون ڪوٽ پوليس پاران رات دير سان سرڪاري فرياد تي علي درس، نيڪ محمد ناريجو، ڊرائيور شڪيل احمد آرائين، يامين، ياسين ۽ صاحب خان تي نئون ڪوٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته علي درس ۽ نيڪ محمد ناريجو ڄاڻايل ٽرڪ ڊرائيورن کي ٿرڪول جي بلاڪن مان چوري جو اسڪريپ ۽ قيمتي سامان وڪرو ڪري ڏيندا آهن، پوليس موجب گذريل ڏينهن علي درس ۽ نيڪ محمد ناريجو پاران ٿرڪول جي بلاڪن مان چوري جو اسڪريپ ۽ ٻيو مٽيريل وڪرو ڪري ڏنو، اسڪريپ سان ڀريل ٻن گاڏين کي پڪڙڻ بعد جاچ ڪئي، جنهن مان چوري جو اسڪريپ ۽ قيمتي سامان هٿ آيو، جڏهن ته چئن جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي، جن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نئون ڪوٽ ٻڌايو ته ٻنهي ٽرڪ ڊرائيورن وٽ ٿرڪول جي گيٽ پاس ۽ اسڪريپ جا ڪاغذ موجود نه هئا، جنهن ڪري اسان قانون موجب ٻئي گاڏيون تحويل ۾وٺي ٿاڻي تي بيهاريون ۽ ڊرائيورن سميت 4 ماڻهن کي به گرفتار ڪيو آهي، جنهن بعد اسان جاچ ڪندي ٺيڪيدار ۽ ڪمپني انتظاميه کان ٽرڪن ۾ ڀريل اسڪريپ بابت ڄاڻ وٺي ڪاغذ ۽ گيٽ پاس گهري سين ته ڄاڻ ملي اهو مال چوري ٿي چڪو آهي، جنهن ڪري اسان سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جوابدارن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ وٺنداسين.