ميھڙ(ن پ ا) ٿرڙي محبت ۾ شادي دوران گھوٽ ڪنوار به پنھنجيون خوشيون سنڌو کي ارپي ڇڏيون. ٿرڙي محبت جي سينئر صحافي عبدالفتاح وئنس جي پٽ مھتاب احمد وئنس جي شادي ۾ ڪنوار جي رخصتي دوران گھوٽ، ڪنوار ۽ ڄاڃين ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪئي. ٿرڙي محبت جي گھوٽ مھتاب احمد وئنس پنهنجي ڪنوار ام مريم سان گڏ سنڌو تي ڪئنال نامنظور جا نعرا ھڻي ڪئنالن جي مخالفت جو ازم ڪيو. گھوٽ ۽ ڪنوار جي اھڙي نعرن بعد سموري ڄڃ به ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪندي رھي. ان موقعي تي گھوٽ ۽ ڪنوار جو چوڻ ھو ته اسان جون خوشيون سنڌو لاءِ آھن. سنڌو وھندو رھندو ته سنڌ ۾ خوشيون به قائم رھنديون. ھنن مطالبو ڪيو ته تڪراري ڪئنال وارا منصوبا رد ڪري سنڌ جي ماروئڙن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.