ميھڙ(ن پ ا) ٿرڙي محبت ۾ گذريل رات ڀنڊ ۽ جلباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل چوڪيدار دلبر جلباڻي واري واقعي خلاف شھري اتحاد پاران احٽجاج ڪيو يوو. شهري اتحاد ٿرڙي محبت پاران زخمي چوڪيدار دلبر جلباڻي جي جوابدارن جي گرفتاري لاء دڪان ، بازار، مارڪيٽون بند ڪري جزوي طور شٽربند ھڙتال به ڪئي وئي. شهري اتحاد جي صدر ممتاز مينگل، زخمي ملاح، صدرالدين جانوري ء ٻين چيو ته جوابدارن بيگناه چوڪيدار مٿان حملو ڪري نوجوان کي زخمي ڪيو آھي ھنن چيو ته ٿرڙي محبت پوليس سياسي وڏيرن جي ونگار وهندي جوابدار گرفتار نه پئي ڪري. ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتاري ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا وڃن جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته ڪاروبار مڪمل طور بند رکيو ويندو ھوڏانھن ٿرڙي محبت پوليس زخمي نوجوان جي والد مشتاق جلباڻي جي فرياد تي ڀنڊ برادري جي ٽن سڃاتل صدام ڀنڊ ، گلزار ڀنڊ ، لکمير ڀنڊ ۽ ھڪ اڻسڃاتل جوابدار مٿان جھيڙي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي پوليس موجب زخمي نوجوان جو ڪيس وارثن جي مرضي مطابق داخل ڪيو آھي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪوشش ڪئي وڃي پئي