ميھڙ(ن پ ا) ٿرڙي محبت ۽ ڀرپاسي ۾ هڪ مهيني ۾ 12 کان وڌيڪ ٽرانسفارمر چوري ٿي ويا آهن پر هڪ به جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيو آهي. ان ڏس ۾ گذريل رات نامعلوم چور وزير سولنگي جي رائيس مل جي ديوار ٽوڙي چوديواري کي کاٽ هڻي ٽرانسفارمر لاهڻ جي ڪوشش ڪئي چوڪيدار جي سجاڳ ٿيڻ تي نامعلوم جوابدار ٽرانسفارمر ڇڏي فرار ٿي ويا ان سلسلي ۾ ڪارخاني جي مالڪ منور سولنگي فياض سولنگي احتجاج ڪندي دانهيو ته اڳ به ٿرڙي محبت ۽ آسپاس ۾ ڪيترائي ٽرانسفارمر چوري ٿي چڪا پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگھي آھي جڏهن ته نامعلوم چور رائيس مل جو ٽرانسفامر لاهڻ جي ڪوشش ڪئي جوابدارن جا پيرا پڻ کنيا ويا آهن هنن چيوته ٿرڙي محبت ٿاڻو سَڏ پَنڌ تي آهي ۽ پوليس سامهون چوري ٿيڻ افسوسناڪ عمل آهي معاملي جي شاف شفاف جانچ ڪري جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.