ميھڙ(رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ منگي جا ڀاڻ ۾ سڱاوتي معاملي تان جانوري ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو جھيڙي دوران فائرنگ سبب ھڪ عورت سميت ٻه ڄڻا قتل ۽ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. مارجي ويلن ۾ راڌڻ جا رھواسي سپنا جانوري ۽ خالد سولنگي شامل آھن جڏھن ته معشوق سولنگي زخمي آھي. ھٿياربندن جي فائرنگ بعد مقتولا عورت سپنا جانوري جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري ھنڌ پيل رھيو جڏھن ته زخمي معشوق سولنگي ۽ قتل ٿيل خالد سولنگي جو لاش وارثن ڊوم رڪشا ۾ کڻائي اسپتال پھچايو جڏھن ته ميھڙ ، راڌڻ ، ٿرڙي محبت جي اسپتال توڙي صحت مرڪز ، 1122 جي سروس ھجڻ باوجود عورت جي لاش کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاء ايمبولينس ملي نه سگھي جنھن سبب مقتولا عورت جو لاش ٽن ڪلاڪن بعد پوليس موبائل ذريعي تعلقه اسپتال ميھڙ آندو ويو جتي لاشن جي پوسٽ مارٽم ڪئي وئي ۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. تعلقي اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب ته قتل ٿيل نوجوان خالد سولنگي کي چھري ، ڪلھي سميت جسم جي چئن حصن تي گولين جا نشان نظر آيا جڏھن ته قتل ٿيل ناري سپنا جانوري کي پڻ ڳيچي ۾ ھڪ گولي جو نشان نظر آيو آھي وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي وڌيڪ ٻڌائي سگھجي ٿو. قتل ٿيل خالد سولنگي ۽ زخمي معشوق سولنگي جي وارث عورتن چيو ته ناري سپنا جانوري معشوق سولنگي سان گھران نڪتي ھئي جيڪي ڪورٽ شادي لاء وڃي رھيا ھئا ته ناري جي رشتيدارن اختيار جانوري ۽ ٻين حملو ڪري سپنا جانوري ، خالد سولنگي کي قتل ڪيو ۽ الزام ھيٺ آيل نوجوان معشوق سولنگي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن ھنن چيو ته ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آھي خدارا انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن ڌرين ۾ تڪرار سبب ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي واقعي سبب علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇانيل آھي جڏھن ته قتل ٿيل عورت ۽ نوجوان جي گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو آھي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آھي.
نوجوان ۽ ناريءَ پسند شادي لاءِ گھران نڪرڻ تان واقعو ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، جاچ ڪريون پيا: پوليس
ميھڙ: ٿرڙي محبت ايس ايڇ او غفار پنھور موجب ته ابتدائي اطلاع آھن ته جانوري ۽ سولنگي برادري جو سنڱاوتي معاملي تان ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو آھي جڏھن ته فائرنگ ۾ ھڪ عورت سپنا جانوري ۽ ھڪ نوجوان خالد سولنگي قتل ٿي ويا آھن ۽ ھڪ ڄڻو معشوق سولنگي زخمي ٿيو آھي پوليس موجب معلوم ٿيو آھي ته نوجوان معشوق سولنگي مٿان الزام آھن ته ھو راڌڻ واسي ناري سپنا جانوري سان ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ لاء وڃي رھيا ھئا ته منگي جا ڀاڻ ڀرسان رستي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ناري ۽ سندس چاھيندڙ نوجوان جو ڀاڻج مارجي ويا آھن ۽ الزام ھيٺ آيل نوجوان زخمي ٿيو آھي
معشوق سولنگي ڌيءَ سپنا کي اغوا ڪري ويو هو، اهي پاڻ ۾ وڙهي پيا: رضيه جانوري
ميھڙ: تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ مقتولا عورت جي امڙ مسمات رضيه جانوري جو چوڻ ھيو ته جوابدار معشوق سولنگي منھنجي نياڻي سپنا جانوري کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو ھو. اسان پاران نياڻي جي واپسي لاء پوليس توڙي معززين وٽ بار بار منٿون ڪندا رھياسين پر معشوق سولنگي وارا ڀائر پاڻ ۾ وڙھي پيا جن گوليون ھڻي منھنجي نياڻي کي قتل ڪيو آھي ۽ جوابدار پاڻ پنھنجي رشتيدار خالد سولنگي کي به قتل ڪيو آھي ھن چيو ته مونسان انصاف ڪيو وڃي