ميھڙ(ن پ ا) ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ڳوٺ نواب جو پَٽَ ۾ 23 ورھين جي نوجوان غلام مصفطي عرف بَبلو پُٽ منور خاصخيلي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. وارثن زخمي نوجوان کي مقامي اسپتال آندو جتي حالت نازڪ ھجڻ ڪري ڊاڪٽرن پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو. زخمي نوجوان واري واقعي بعد گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو جيجل امڙ کي بيهوشيءِ جا دورا پوڻ لڳا زخمي نوجوان جي وارثن موجب ته نوجوان ٻاھران گھر اچي پنھنجي ڪمري ۾ پاڻ مٿان بلاوجه جي پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آھي ھنن چيو ته ڪا خبر نه آھي نوجوان اھڙو قدم ڇو کنيو آھي.