ميھڙ(ن پ ا) ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ ولي محمد ڳورڙ واسي مسمات زرينا جمالي پنهنجي ڏير گهرام جمالي سان گڏ ٿرڙي محبت ۾ احتجاج ڪندي دانهيو ته ڪجهه ڏينھن پھريان کوسا ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين جي جھيڙي دوران فائرنگ ۾ واٽهڙو رحمت الله چانڊيو زخمي ٿيو ھو جنهن واقعي ۾ منھنجي پٽ ببلو جمالي کي ڦاسايو ويو آھي ۽ ان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ھن الزام ھڻندي چيو ته منهنجو پٽ ببلو جمالي گم ٿي ويو آھي، اسان کي شڪ آهي ته منهنجي پٽ کي جوابدارن گهرام چانڊيو ، گلشير چانڊيو ۽ ٻين کڻي گم ڪري ڇڏي آهي، ھن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمي نه آهي، کوسا ۽ چانڊيا برادري جي جهيڙي دوران منهنجو پٽ موقعي واري هنڌ موجود نه هئو جھيڙو ڪندڙ ٻنھي ڌرين سان اسان جو واسطو نه آھي ھنن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کي اپيل آھي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري پٽ کي بازياب ڪرائي ڪوڙو ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي .