ميھڙ(ن پ ا) ٿرڙي محبت ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ ٽرانسفارمر جي ڪوائلن جي چورين جو آزار گهٽجي نه سگهيو آهي. گذريل رات نامعلوم چور ڳوٺ جمعو ناريجو جي ڳوٺ ۾ لڳل 200 ڪي وي جو لڳل ٽرانسفارمر نامعلوم چور لاھي ڪوائلون ڪڍي فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن اسلم ناريجو، صدام حسين ناريجو، عبدالله، دراز علي، آصف ٻرڙو، حاڪم چانڊيو، محراب ۽ ٻين پاران چندو ڪري کوجي ڪتو گهرائي کوجي ڪتي ذريعي پيرو کڻايو ويو، جيڪو ساڳي ئي ڳوٺ ۾ رٽائر سيپڪو ملازم لياقت علي ميراڻي جي گهر ۾ ڪتو ويهي رهيو، جڏھن ته ڪتي جي پيري بعد ڳوٺاڻن ۽ اڳوڻي سيپڪو ملازم ۾ ڇڪتاڻ ٿي پئي جڏھن ته پوليس پھچي ڇڪتاڻ ختم ڪرائي ۽ پوليس ڪا به گرفتاري ڪري نه سگھي آھي ڳوٺاڻن پاران چورن خلاف ڪارروائي ڪري نئون ٽرانسفارمر لڳرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ھوڏانھن ميھڙ تعلقي جي ننڍن وڏن علائقن ۾ ٽرانسفارمر مان ڪوائلون چوري ٿيڻ روز جو معمول بنجي ويو آھي جڏھن ته گذريل ڏينھن ميھڙ ڀرسان سومر قمبراڻي مان نامعلوم چور ٽرانسفارمر لاھي ڪوائلون چوري ڪري فرار ٿي ويا ھئا، ڳوٺاڻن جي احتجاج شڪايتن بعد به سيپڪو عملدارن ۽ پوليس پاران ڪو تحرڪ نه ورتو آھي انتظاميه جي نااھلي ۽ خاموشي سبب ٽرانسفارمر مان ڪوائلن جي چورين جا واقعا وڌي ويا آھن.