ميھڙ(ن پ ا) ٿرڙي محبت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آيل رقم جي سينٽرن تي سھولتن جي اڻهوند مستحق عورتن جي پيڙھ ، مستحق عورتن جي پيسن مان ڊوائيس هولڊرن پاران غير قانوني هڪ هزار کان 3 هزار روپين تائين ڪٽوتي ڪرڻ لڳا مستحق عورتن مسمات رخسانه ساهڙ  ، مسمات شاهدان ، فهميدان چانڊيو ۽ ٻين سينٽر آڏو احتجاج ڪيو احتجاج جي ڪوريج لاءِ صحافين جي پهچڻ تي ڊوائيس ھولڊر پنھنجون ڊوائيس سسٽم جي خرابي ڄاڻائي بند ڪري ڇڏيون جنھن سبب سوين عورتون پريشان ٿي ويون، ھنن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پيسا اچڻ بعد ايجنٽ مافيا سرگرم ٿي وڃن ٿا، پيسا وٺڻ لاءِ آيل عورتن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي انتظاميه پاران سينٽرن تي ڪا به سھولت نه هئڻ ڪري ڪيتريون عورتون دربدر بڻيل آھن، سينٽرن تي ٿڌي پاڻي جي به سھولت نه آھي ان ڪري ڪيتريون ئي پيرسن عورتون بيحال ٿي ويون آھن ھنن مطالبو ڪيو ته مستحق عورتن جي آيل پئسن مان ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيس ايجنٽن مافيا خلاف ڪارروائي ڪري رقم واپس ڪرائي ڏني وڃي ۽ سينٽرن تي سھولتون ڏئي مستحق عورتن جي بيچيني دور ڪئي وڃي.