ڪڪڙ(ن پ ا) ٿرڙي جادو شھيد ۾ مٽي جي تيز طوفان دوران حاڪم ٻٻر ۽ شيرمحمد ٻٻر جي 60 ايڪڙ ڪڻڪ جي ديرن جي فصل کي اوچتو باھ لڳي وئي ڳوٺاڻن جي اطلاع باوجود ڪي اين شاه جو فائربرگيڊ عملو ن پھچڻ ڪري ڏسندي ڏسندي باھ سڄي ڪڻڪ ديرن کي پنھنجي لپيٽ ۾ وڪوڙي ڇڏيو جنھن ڪري سوين مڻ ڪڻڪ سڙي رک ٿي وئي آھي باھ وڌيڪ ڪڻڪ جي ديرن ڏانھن رک ڪيو آھي باھ ۾ ڪڻڪ سڙي وڃڻ دوران زميندار توڙي ھارين کي مٿي تي ھٿ اچي ويا آھن فائر برگيڊ عملو ن پھچڻ ڪري وڌيڪ ڪڻڪ سڙي وڃڻ جا امڪان آھن باھ ۾ ڪڻڪ سڙي ويل متاثر زميندار حاڪم علي ٻٻر چيو آھي ت ديھ پسيا ۾ ڪڻڪ جي 6 کان وڌيڪ ڪڻڪ جي ديري کي اوچتو باھ لڳڻ دوران 2500 سو مڻ  ڪڻڪ سڙي وڃڻ ڪري لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي باھ جو ڪارڻ معلوم ن ٿي سگھيو آھي جاچ ڪري رھيا آھيون  ھوڏانھن متاثر ھاري منصور ٻٻر چيو آھي ت ھڪ طرف ڪڻڪ جي اگھ مناسب ن ھئڻ ۽ ٻي طرف ڪڻڪ سڙي رک ٿيڻ کانپوء اسين ڪنگال ٿي ويا آھيون وڏو ظلم ناحق ٿي ويو آھي گھر جو گذر سفر اناج تي آھي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي آخري اطلاعن مطابق باھ تي ظابطو اچي ن سگھيو آھي