ميھڙ(ن پ ا) ٿرڙي محبت ۾ رمضان ميهني ۾ سبزي گوشت مڇي فروٽ ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي اگھن ۾ واڌ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي خلاف مزدور اتحاد جي اڳواڻ حيدر لاشاري، نثار احمد ناريجو، بلاول منگي، ڪامريڊ انور ملاح، خليل سومرو ۽ ٻين مزدورن پاران ٿرڙي محبت ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ٿرڙي محبت ناظم منگي چونڪ کان ٿيندي شهر جي مک چونڪ پهتي، جتي اڳواڻن چيو ته ٿرڙي محبت ۾ سبزي گوشت مڇي ۽ ٻين  کاڌي پيتي جي شين ۾ وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن خلاف انتظاميه ڪارروائي نه پئي ڪري ھنن اي سي ميهڙ ڊي سي دادو ۽ ٻين اعليٰ اختيار ڌڻين کان گهر ڪئي ته وڌيڪ اگهه وٺندڙ منافعي خور دڪاندارن خلاف قانوني قدم کنيا وڃن ٻي صورت ۾ انتظاميه خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.