ڇاڇرو (رپورٽ: عبدالجبار نهڙيو) ٿرپارڪر ناڪاره آر او پلانٽن جو قبرستان بڻجي ويو، ٿر ۾ اڳوڻي پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار جا آر او پلانٽس گذريل چار سالن کان فني خرابي سبب ناڪاره بڻيل آهن، ٿر واسي مٺي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ دربدر پريشان بڻيل آهن، مجبوري سبب کوهن جو کارو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن، ٿر ۾ اربين رپين جي لاڳت سان لڳل آر او پلانٽس منصوبو جنهن ۾ رڪارڊ توڙ ڪرپشن ۽ ٺيڪيدار ڪمپنيون نواز پاليسي سبب تباھ ٿي ويو،ٿر ۾ هن وقت ڏڪاريل حالتن دوران پئيڻ جي پاڻي جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ آر او پلانٽ منصوبو ڏنو ويو، جنهن ۾ ڇاڇرو ۽ ڏاھلي تعلقن ۾ 250 آر او پلانٽس جڏهن ته مجموعي طور ٿرپارڪر ضلعي ۾ 750 آر او پلانٽس ڏنا ويا هئا،هن وقت جي ٺيڪيدار ڪمپني پاڪ اوسميس پاران 637 آر او پلانٽس لڳايا باقين رهيل آر او پلانٽ اڄ ڏينهن تائين نه لڳي سگهيا آهن،جڏهن ته جنهن بعد هڪ ٻي خانگي ڪمپني اوسلو کي ٿرپارڪر جا آر او پلانٽس هلائڻ لاءِ هن وقت جي پيپلزپارٽي جي سرڪار پاران ٺيڪو ڏنو ويو هو گذريل چار سالن کان 630 آر او پلانٽس ناڪاره حالت ۾ مٺو پاڻي ڪرڻ وارو سسٽم ناڪاره بڻيل آهي،پبلڪ هيلٿ کاتي ٿرپارڪر جي بي ڌياني سبب ٿر جي سوين ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ لڳل ننڍا آر او پلانٽس جنهن جو قيمتي سامان سولر پليٽن سميت ٻيو قيمتي سامان چوري ٿي چڪو آهي،جڏهن ته آر او پلانٽن کي هلائڻ جي مد ۾ ڪروڙين روپين جا فنڊ مبينا طور ڪرپشن جي ور چڙهي ويا، ٿر جي سوين ڳوٺن ۾ اڄ به ساڳي حالتون آهن رهواسي کارو کوهن جو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، پيئڻ جي پاڻي جي تلاش ۾ عورتون توڙي ٻارڙا سخت گرمي ۾ ڏورانهن پنڌ ڪري دربدر بڻيل آهن،ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي وڏي آبادي وارن ڳوٺن جنهن ۾ ڳوٺ اوڏاڻي،ڳوٺ ٽگٽيو، ڀاڏا سندا، وائوڙي دورا، مبارڪ رند، سمون رند، ڪيتار، جيتراڙ، کينسر، ڇاپر سميت سوين ڳوٺن جي خراب آر او پلانٽس جي مرمت لاءِ چار سالن دوران مختلف وقتن تي ٺيڪيدار خانگي ڪمپني اوسلو ۽ پبلڪ هيلٿ کي ڪروڙين روپين جا فنڊ جاري ٿيڻ باوجود خراب آر او پلانٽ جي مرامت ٿي نه سگهي ۽ ٿر آر او پلانٽن جا ملازم پگهارون نه ملڻ سبب سالن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن،آر او پلانٽس جي آپريٽرن منظور علي راهمون، محمد خان راهمون، ذوالفقار نهڙي، اقبال احمد، مبارڪ علي منگريو، جڙيو نهڙي سميت ٻين چيو ته پبلڪ هيلٿ وارا صرف آر او پلانٽن کي هلائڻ جي مد ايندڙ ڪروڙين روپين جا فنڊ هڙپ ڪري رهيا آهن، باقين ڇاڇرو شهر، ڪانٽيو شهر، مبارڪ رند شهر سميت شهرن جا آر او پلانٽس فعال بڻائي نه سگهيا آهن،ڪروڙين رپيا هن منصوبي ۾ ٺيڪدار ڪمپنين جي ملي ڀڳت سان اربين رپيا ڪرپشن ٿي آهي، هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتو ٿرپارڪر ٿر جي آر او پلانٽن کي فعال ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي،ٿر واسين نگران حڪومت وفاق ۽ سنڌ کان مطالبو ڪندي چيو ته ٿرپارڪر جي ناڪاره بڻيل آر او پلانٽن جي عجب ڪرپشن جي غضب ڪهاڻي جي نيب هٿان جاچ ڪرائي ملوث ٺيڪدار ڪمپنين ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي مٺي جي عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري،ٿرپارڪر جي سالن کان ناڪاره بڻيل آر او پلانٽن کي فعال ڪري پئيڻ جي مٺي جو بحران ختم ڪيو وڃي.