ڏيپلو (ن پ ا) ٿرپارڪر ضلعي جي اپوزيشن جماعتن پاران ٿر ۾ وڌندڙ بدامني، منشيات جي وڪري ۽ واهپي توڙي لاقانونيت خلاف 18 فيبروري کان تحريڪ ھلائڻ جي ڪيل اعلان تي ڪالهه آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽي ٿرپارڪر پاران پريس ڪلب کان بدين بس اسٽاپ تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن ارباب انور جبار، ارباب عمران، اوڀايو جوڻيجو، ياسين لطيف مغل، شاهد رند بلوچ، ڪامريڊ گهنشام مالهي، عبدالرحمان اوٺو، مولانا عباس ڪلر ، وڪيل شاهنواز هنڱورجو، وڪيل قربان سميجو، محمدعمر بجير، حافظ عبدالسلام کٽي ۽ ٻين چيو ته ضلعي ۾ منشيات کلي عام هلي رهي آهي، تحريڪ جو آغاز ڏيپلو شھر کان ڪري رھيا آھيون، هنن چيو ته ٿر ۾ خودڪشين جو مک ڪارڻ وياج تي ورتل قرض ۽ منشيات جو وڪرو ۽ واهپو آهي، هنن چيو ته اڄوڪو احتجاج ابتدا آهي، هاڻي ايندڙ مرحلي ۾ضلع جي سڀني تعلقن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري ريليون ڪڍيون وينديون، ٿر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي خاتمي تائين اھا تحريڪ جاري رھندي، ان موقعي تي شهرين ۽ ٻهراڙي کان وڏي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪئي ۽ ساٿ ڏيئڻ جو وچن ورجايو.