اسلام آباد: سنڌ حڪومت پنهنجي پٽيشن ۾ چيو آهي ته ٿرپارڪر ضلعو ڪارونجهر جبل سميت معدنيات جو ڀنڊار آهي جنهن ۾ ڪوئلو، سنگ مر مر، لوڻ، چائنا ڪلي، ڪچو لوه (آئرن اور) فلر ارٿ، لٿيم، ڪاپر ۽ سون موجود آهي جيڪو ڪيترن ئي ارب ڊالرن جو آهي. هڪ فيصلي سان انهن جي استعمال تي مڪمل پابندي لڳائڻ بي مقصد، غيرقانوني ۽ سنڌ جي عوام جي مفادن جي خلاف آهي. ماحوليات ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ بڻائڻ جو عمل مالي مفادن جي تحفظ سان لاڳاپيو وڃي ها. ان سلسلي ۾ ذميواري کي محسوس ڪندي سنڌ حڪوڪمت سمورن کاتن مائننگ، ثقافت، ماحوليات ۽ ٻيلي کاتي جي نمائندن تي ٻڌل ٽيڪنيڪل فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽي جوڙي جنهن ڪارونجهر جي کوٽائي جي حوالي سان به سفارشون پيش ڪيون. انهن سفارشن تي عمل به عدالتي فيصلي جي ڪري رڪجي ويو آهي.