نئون ڪوٽ(رپورٽ: پيارعلي نهڙيو) ٿرپارڪر جي بئراجي علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف رڻ شاخ، ڍورو مائينر، ڏيپلو مائينر ، سيڙهي مائينر جي آبادگارن پاران ٻاويهه ميل موري تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن ارباب عمران، عثمان هالو ۽ محمد موسيٰ احمداڻي، علي بهادر لنڊ ۽ ٻين چيو ته اسان کي مسلسل ڇھن مھينن کان پاڻي جو گيج پورو نه پيو ڏنو وڃي، جنهن سبب پوکيل فصل تباهه ٿي رهيا آهن ۽ پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو آهي. هنن چيو ته ٿرپارڪر ضلعي کي نهري پاڻي فراهم ڪندڙ واحد رڻ شاخ آهي جنهن ۾ مناسب مقدار ۾ پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، جنهن ڪري نه صرف فصل متاثر ٿيا آهن پر پکي، آبي جيوت ۽ چوپايو مال پڻ اڃ ۾ مرڻ لڳا آهن، جڏهن ته پاڻي جي کوٽ سبب ٿرپارڪر جي هيڊڪوارٽر واري شهر مٺي اسلام ڪوٽ ننگرپارڪر ڪلوئي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، آبادگارن چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ پنجن ڏينهن اندر پاڻي جو گيج پورو نه ڏنو ويو ته هو مٺي-ميرپورخاص ۽ بدين ٿرڪول روڊ بند ڪري ڌرڻو هڻي ويهندا. هوڏانهن پنهنجي اخبار سان رابطي دوران ايڪسيئن مٺڙائو جنيد احمد جوکيو ٻڌايو آهي ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري سب ڊويزن نئون ڪوٽ کي پاڻي جو گيج پورو نه پئي مليو، اڄ مٿان کان پاڻي جي وهڪرن م اضافو ٿيڻ جي صورت ۾ سب ڊويزن نئون ڪوٽ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو ويندو.