مٺي( رپورٽر ) تعليم کاتي ٿرپارڪر جي ڊي اي اي او  مختلف سياسي سماجي۔ علمي ۽ ادبي فورمن ۾ شامل  استادن ۽ عملي کي حڪومت خلاف هر قسم جي ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت  کان روڪڻ لاءِ لکت ۾ وارننگ جاري ڪري ڇڏي آھي۔ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري ٿرپارڪر شمس الدين راٺوڙ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ استادن توڙي عملي کي رياست خلاف ٿيندڙ ڪنهن به احتجاج ۾ شرڪت نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آھن، جڏهن ته نوٽيفيڪشن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڪوبه سرڪاري ملازم رياست خلاف قانوني طور احتجاج ۾ شريڪ ٿي نٿو سگهي۔ اگر شريڪ ٿيو ته ان خلاف ڪارروائي ٿيندي۔ هوڏانهن ذريعن  موجب سنڌو دريا تي تڪراري ڪئنالن خلاف  مختلف سماجي ۽ علمي ادبي فورمن جي ٿيندڙ احتجاجن ۾  وڌ کان وڌ استادن جي شرڪت بعد ڊي اي اي او ٿرپارڪر کين روڪڻ لاءِ اهڙو وارننگ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو