ميھڙ (ن پ ا) ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ڳوٺ وليو کوسو ۾ نامعلوم چورن ڳورڙ محلا مان 200 ڪي وي جو لڳل بجلي جو ٽرانسفارمر لاهي ڪوائلون ڪڍي فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن ساجد ڳورڙ، امتياز، صدام ڳورڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي نيشنل پريس ڪلب جي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته گذريل رات بجلي بند ھجڻ ڪري نامعلوم چور 200 ڪي وي جو ٽرانسفارمر لاھي ان مان ڪوائلون ڪڍي چورائي ويا آھن، ھنن چيو ته سيپڪو عملدارن جي نااھلي سبب مسلسل بجلي بند ھجڻ ڪري علائقي جا ڪيترائي ٽرانسفارمر چوري ٿي ويا آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته چورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ علائقي ۾ نئون ٽرانسفارمر لڳائي بيچيني دور ڪئي وڃي.